بين ڊڪٽ تي آءِ پي ايل نه کيڏڻ واري اعلان کانپوءِ 3 سال پابندي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي ڪرڪيٽر بين ڊڪٽ آءِ پي ايل 2026 تان کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ بين ڊڪٽ چيو ته هن ملڪي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ ۽ پنهنجي انگلينڊ واري ڪيريئر کي بچائڻ لاءِ آءِ پي ايل نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته اهو هڪ ڏکيو فيصلو هو ۽ هو ٽيم جي سمورن ميمبرن کان معذرت ڪري ٿو ته هو نه اچي سگهندو.
سندس چوڻ هو ته ان معاملي تي تمام گهڻو غور ويچار ڪيو، پوءِفيصلو ڪيو ته هي سندس ڪيريئر لاءِ بهترين آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سندس عمر (31 سال) کي نظر ۾ رکندي ممڪن آهي ته کيس ٻيهر آءِ پي ايل کيڏڻ جو موقعو نه ملي، پر هو مستقبل لاءِ اميد زندا رکڻ چاهي ٿو.
اسپورٽس ويب سائيٽ موجب، بين ڊڪٽ پنهنجي فارم جي بحالي ۽ عالمي ڪيريئر بچائڻ لاءِ آءِ پي ايل 2026 لاءِ دهلي ڪيپيٽلز سان معاهدو ختم ڪيو.
معاهدي تان هٿ کڻڻ سبب بين ڊڪٽ 2029 تائين آءِ پي ايل نه کيڏي سگهندو.
رپورٽ موجب، بين ڊڪٽ کي پهريون ڀيرو آءِ پي ايل جي ڪنهن ٽيم چونڊيو هو، دهلي ڪيپيٽلز کيس ڊسمبر واري نيلامي ۾ 2 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ خريد ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.