ڪراچي ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي، انتظاميا هاءِ الرٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي کي ڏسندي رين ايمرجنسي لاڳو ڪندي انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو ۽ زبون حال عمارتون خالي ڪرائڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي.
موسميات کاتي طرفان برساتن جي نئين طاقتور اسپيل جي اڳڪٿي کانپوءِ ڪراچي انتظاميا متحرڪ ٿي وئي.
سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڀني لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو.
چيف سيڪريٽري ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ايندڙ 7 ڏينهن فيلڊ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي.
هن واضح ڪيو ته ضلعي انتظاميا ۽ مڪاني ادارا مڪمل متحرڪ ٿي پاڻي جي نيڪالي لاءِ قدم يقيني بڻائين، گڏوگڏ خطرناڪ بل بورڊ به فوري طور هٽايا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.