ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 26 کان 29 مارچ تائين سڄي ملڪ ۾ تيز هوائن سان گڏ برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير ضيغم موجب اولهه هوائن جو هڪ سلسلو 25 مارچ کان پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن جا اثر سڀ کان اڳ بلوچستان ۾ ڏٺا ويا، جتي مختلف علائقن ۾ تيز هوا ۽ برسات رڪارڊ ٿي.
اهو سلسلو هوريان هوريان ملڪ جي اتر، اولهه ۽ اوڀر حصن ڏانهن وڌي رهيو آهي.
هن چيو ته 26 مارچ تي ڪراچي جي ڪجهه علائقن کنوڻ، گجگوڙ ۽ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي پر ان جي شدت گهٽ رهندي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به هلڪي کان وچولي برسات جو امڪان آهي.
سندس چوڻ هو ته ان سسٽم جو گهڻو اثر بلوچستان جي مٿانهن علائقن، خيبر پختونخواهه، پوٺوهار خطي ۽ اوڀر پنجاب تي پوندو.
هن چيو ته لاهور، سيالڪوٽ، مردان ۽ ايبٽ آباد جي علائقن ۾ ڪٿي ڪٿي تيز برسات، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ برفباري جو به امڪان آهي.
انجم نذير ضيغم چيو ته 27 مارچ کان اهو سسٽم وڌيڪ شدت اختيار ڪندو، جنهن سبب اتر علائقن ۾ برساتن ۾ واڌ ٿيندي، سنڌ ۾ 28 ۽ 29 مارچ تي به برسات جو امڪان آهي.
You might also like