ڪهڙي جهان ۾ آهيو؟ گوگل ميپس تي ههڙي فيچر جي توهان کي ڄاڻ ئي ناهي..!

گوگل ميپس مختلف ڪمن لاءِ بهترين سروس آهي جنهن سان اوهان نوان هوٽل ، نوان مقام يا ٻيون شيون ڳولي سگهو ٿا،

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان پنهنجي ويجهو پيٽرول پمپ کي گوگل ميپس جي مدد سان ڳولي سگهو ٿا؟

هي فيچر ان وقت گهڻو ڪم اچي سگهي ٿو جڏهن سفر ۾ موٽسائيڪل يا گاڏيءَ جو پيٽرول ختم ٿي وڃي ۽ توهان کي ڄاڻ نه هجي ته ويجهو ڪهڙو پيٽرول پمپ آهي.

هاڻي موٽرسائيڪل يا گاڏي تي سفر ڪندي گوگل ميپس رڳو ريسٽورنٽ ۽ مقامن جي ڳولا نه ڪندو بلڪي توهان کي اهو به ٻڌائيندو ته ڪهڙو پيٽرول پمپ وڌيڪ ويجهو آهي.

ان فيچر کي ڪيئن استعمال ڪجي؟

هر ڊيوائيس ۾هي فيچر هلندو آهي جنهن کي گيس فيچر چئي سگهجي ٿو. آءِ او ايس يا اينڊرائيڊ ۾ گوگل ميپس کي کولي، ان تي سرچ بار ۾ وڃي هوم، ريسٽورنٽ کي سوائيپ ڪري ”گيس آپشن“ تي ڪلڪ ڪندا.

ايئن ڪرڻ سان ڊوائيس ۾ علائقي اندر موجود سمورا پيٽرول پمپ ڳاڙها نظر ايندا. نه رڳو ان جي ڄاڻ ملندي ته پيٽرول پمپ ڪٿي آهي پر اها به خبر پوندي ته ڏينهن ۾ ڪيتري وڳي پيٽرول پمپ کلي ٿو ۽ ڪهڙي وقت بند ٿيئي ٿو. ان لاءِ ڪنهن به آءِ ڪون تي وڃي ڪلڪ ڪري وڌيڪ تفصيل حاصل ڪري سگهو ٿا. ڪجهه علائقن ۾ ته پيٽرول جي قيمت به لکيل ملندي آهي، پر پاڪستان ۾ اهو آپشن اڃا فراهم ناهي ڪيو ويو.

هن فيچر جي گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.