افغان طالبان رجيم طرفان دهشتگردي جي حمايت دنيا لاءِ چيلينج آهي: آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ قرار ڏنو آهي ته افغان طالبان رجيم طرفان دهشتگردي جي حمايت ۽ انتهاپسنداڻيون پاليسيون دنيا لاءِ چيلينج آهن.
آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ موجب طالبان رجيم جا جابراڻا قانون افغان شهرين جي بنيادي حقن ۽ مستقبل لاءِ سنگين خطرو آهن، افغان رياست جي قانوني حيثيت ۽ شهري حقن کي سخت خطرا آهن.
آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ چيو آهي ته افغان طالبان جا القاعده ۽ دهشتگرد گروهن سان لاڳاپا برقرار آهن ۽ طالبان حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري.
آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ موجب عالمي سطح تي قانوني حيثيت نه هجڻ سبب طالبان رجيم افغانستان جي نمائندگي لاءِ مڪمل قانوني درجو نٿي رکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.