ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت سنڌ بچت پاليسي بابت کنيل ڪيئي اهم قدمن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٻارڻ جي کوٽ کي روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت جيڪي به فيصلا ڪندي، ان تي لبيڪ چيو ويندو.
سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت جي سمورن فيصلن تي عمل ڪري رهي آهي ۽ وڌيڪ اهم قدم پڻ کنيا پيا وڃن ته جيئن موجوده صورتحال کي اثرائتي نموني منهن ڏئي سگهجي.
هن چيو ته موجودا حالتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ ڪابينا 3 مهينن جي پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته جمعي جي ڏينهن ”ورڪ فرام هوم” جو فيصلو به ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻارڻ جي بچت ممڪن بڻائي سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي فيصلن جي هر سطح تي حمايت جاري رهندي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ٿي ته سنڌ حڪومت ان تي به مڪمل عمل ڪندي.
شرجيل ميمڻ چيو ته عوامي گهرجن ۽ ٻارڻ جي ذخيرن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سڀ ممڪن قدم کنيا پيا وڃن ۽ جيستائين حالتون مڪمل ڪنٽرول ۾ نه اينديون تيستائين اهي قدم جاري رهندا.
هن چيو ته اهڙي صورتحال کان بچڻ ضروري آهي جتي ٻارڻ ۽ توانائي جي کوٽ پيدا ٿئي، انهيءَ ڪري سرڪاري گاڏين جي وڏي انگ کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي.
صوبائي وزير چيو ته ٻارڻ جي بچت ۽ ممڪن مهانگائي کي روڪڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي وفاقي حڪومت سان مڪمل سهڪار جاري رکيو ويندو.
هن عوام کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته گهرن مان ڪم ڪن، ڇو ته اهو گڏيل مسئلو آهي ۽ عوام جي سهڪار سان ئي ٻارڻ جي بچت ۽ توانائي جي ذخيرن جو تحفظ ممڪن آهي.
بچت پاليسي: سنڌ ڪابينا 3 مهينن جي پگهار نه کڻندي، جمعي تي ”ورڪ فرام هوم“ جو فيصلو
You might also like