ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن به وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون 15 هزار 200 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 79 هزار 262 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون 13 هزار 31 رپيا واڌ کانپوءِ 4 لک 10 هزار 889 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 152 ڊالر اضافي سان 4565 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به پاڪستان ۾ في تولو سون 16 هزار 300 رپيا مهانگو ٿيو هو.