ڪراچي فجيرا فيڊر سروس دبئي ۽ آبناءِ هرمز جو متبادل بڻجي وئي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)نئين ڪراچي–فجيره فيڊر سروس دبئي ۽ آبناءِ هرمز ٻنهي جو متبادل آهي، هڪ اهڙي سپلائي چين جيڪا ڪڏهن به نه رڪجي. هن وقت سڄي دنيا ۾ سمنڊ جي هڪ اهم ترين رستي آبناءِ هرمز جو چرچو آهي، ڇو ته ان سبب عالمي سطح تي تيل جي سپلائي متاثر ٿي رهي آهي. پر جيڪڏهن دنيا جي جاگرافي کي ڏٺو وڃي ته ڪيترائي متبادل موجود آهن، ۽ انهن مان هڪ بهترين متبادل پاڪستان جون بندرگاهون آهن، جن تي ڀروسو ڪندي گڏيل عرب امارات پاڪستان سان اوچتو هڪ اهم ڊيل ڪئي آهي.11مارچ 2026 جي شام اهو تاريخي لمحو هو، جڏهن ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل لميٽيڊ (KGTL) تي هڪ باقاعده فيڊر جهاز لنگر انداز ٿيو، ۽ پاڪستان ۽ متحدہ عرب امارات جي وچ ۾ هڪ نئين سڌي ۽ بغير وقفي شپنگ سروس جو عملي آغاز ٿيو. صرف ٻه ڏينهن بعد 13 مارچ 2026 تي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي پريس رليز نمبر 77 ذريعي پاڪستان حڪومت هن منصوبي جو باقاعده سرڪاري اعلان ڪيو.شپنگ جي اصطلاح ۾ هن کي KFK يعني ڪراچي–فجيره–ڪراچي سروس چيو وڃي ٿو، پر هي صرف ڪجهه جهازن جي اچ وڃ ناهي، بلڪه هڪ وڏو واپاري رستو آهي، جنهن ٻنهي ملڪن جي اهم شهرن کي نوڊ بائي نوڊ ڳنڍي ڇڏيو آهي.پهريون ۽ اهم مرڪز پاڪستان ۾ ڪراچي بندرگاهه آهي، جڏهن ته ٻيو مرڪز گڏيل عرب امارات جي بندرگاهه فجيره آهي. هي روٽ صرف هڪ سامونڊي سفر ناهي، بلڪه سمنڊ ۽ جديد زميني ٽرانسپورٽ جو شاندار امتزاج آهي، جيڪو ٽن مرحلن تي مشتمل آهي،جهاز ڪراچي کان نڪري هندي سمنڊ ۽ نار عمان مان گذري ٿو، تقريباً 500 کان 600 ناٽيڪل ميل جو فاصلو طئي ڪري ٿو، ۽ آبناءِ هرمز کان پاسو ڪندي سڌو اڳتي وڌي ٿو.منزل متحدہ عرب امارات جي بندرگاهه فجيره آهي. هتي جهاز پنهنجو سامان لاهي ٿو، جتان ڪارگو گڏيل عرب امارات جي اتحاد ريل نيٽورڪ ذريعي زميني رستي ابو ظهبي، دبئي ۽ سڄي جزيره عرب ۾ ورهايو وڃي ٿو.نقشي مطابق ڪراچي ۽ فجيره وچ ۾ فاصلو تقريباً 350 کان 450 ناٽيڪل ميل (650 کان 850 ڪلوميٽر) آهي. ان کان علاوه پاڪستان جي گوادر بندرگاهه به هن نيٽورڪ سان ڳنڍجي سگهي ٿي، ۽ سي پيڪ ذريعي چين کان به سامان گڏيل عرب امارات تائين پهچائي سگهجي ٿو،امارات جي واپار لاءِ پاڪستان اهم دروازو بڻجي سگهي ٿو، خاص طور تي ڏکڻ ايشيا (پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش) سان واپار ۾. آبنائے هرمز کان بچي، فجيره وارو رستو هڪ محفوظ متبادل بڻجي ٿو.يورپ سان واپار لاءِ پڻ هي علائقو اهم آهي، جتي باب المندب جهڙا چئلينج موجود آهن. مستقبل ۾ پاڪستان زرعي پيداوار، پروسيسڊ فوڊ ۽ ويليو ايڊيشن ذريعي UAE ۽ ٻين مارڪيٽن تائين سڌو رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو.ڪراچي ۽ فجيره وچ ۾ فاصلو گهٽ هجڻ ڪري هڪ فيڊر جهاز 36 کان 45 ڪلاڪن ۾ سفر مڪمل ڪري سگهي ٿو، جيڪو لوجسٽڪ اعتبار سان وڏي اهميت رکي ٿو.هن رستي کي ايمرجنسي ۾ فوجي سامان، طبي امداد ۽ عوام جي انخلا لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. مارچ 2026 ۾ پاڪستان نيوي “آپريشن محافظ بحر” شروع ڪيو ته جيئن هن رستي جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.