ٽرمپ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ ايران سان ڳالهيون چاهي ٿو: اڳوڻو آمريڪي عهديدار

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪا جي اڳوڻي نائب اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ جوئل رابن چيو آهي ته آمريڪي صدر جي ايران سان ڳالهيون ٻيهر شروع ٿيڻ جي دعويٰ شايد عالمي مارڪيٽن کي پرسڪون ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي وڌندڙ تيل جي قيمتن سبب،سي اين اين سان ڳالهائيندي هن  چيو ته کيس حيرت نه ٿيندي جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايراني اختيارين وچ ۾ رابطا جاري هجن، پر اهو به ممڪن آهي ته حقيقت ۾ ڪا سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي هجي ۽ صرف عالمي مارڪيٽن کي سگنل ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته صدر ٽرمپ ان ڳالهه کان واقف آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ آبناءِ هرمز ذريعي تيل جي ترسيل تي به دٻاءُ وڌي رهيو آهي، تنهن ڪري هو هن صورتحال کي قابو ۾ آڻڻ لاءِ جلدي قدم کڻڻ چاهي ٿو.ٻئي پاسي پينٽاگون  جي  اڳوڻي صلاحڪار جيسمين ايل جمال چيو آهي ته هن وقت ايران کي خطي ۾ آمريڪا تي ڪجهه حد تائين برتري حاصل ٿي چڪي آهي، ڇو ته هو پوري علائقي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ آبناءِ هرمز تي اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.