اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين تي سبسڊي ۾ صوبن کي شامل ڪرڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري کي اعتماد ۾ وٺندو ۽ ان سلسلي ۾ اڄ ملاقات جو امڪان آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي راشن بندي لاءِ ڊجيٽل نظام آڻي رهي آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف اڄ شام ايوانِ صدر ۾ آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ڪندو ۽ ان دوران پيٽروليم شين تي سبسڊي ۾ صوبن کي شامل ڪرڻ لاءِ کيس اعتماد ۾ وٺندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار پيٽروليم شين تي 100 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي چڪي آهي، جنهن مان سڄي ملڪ جو عوام لاڀ حاصل ڪري رهيو آهي، ان ڪري وزيراعظم صوبائي حڪومتن سان به سبسڊي ۾ حصو وجهڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
ذريعن موجب، وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي راشن بندي لاءِ ڊجيٽل نظام آڻي رهي آهي، حڪومت هڪ ايپ تيار ڪري رهي آهي جنهن کي پيٽروليم شين جا واهپيدار ڊائون لوڊ ڪري سگهندا ۽ هر شهري پنهنجي گاڏيءَ جو نمبر ۽ پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر لکرائي ايپ ۾ رجسٽريشن ڪرائيندو.
ذريعن اِهو به چوڻ هو ته حڪومت هر شهري جو سندس گهرج ۽ دستيابي موجب پيٽروليم ڪوٽا مقرر ڪندي، هر شهري کي ايپ ۾ طئي ٿيل ڪوٽا موجب روزانو پيٽرول يا ڊيزل ملي سگهندو ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت گذريل مارچ کان هلندڙ مارچ تائين پيٽروليم شين جي استعمال جو تقابلي جائزو ورتو آهي.
ذريعن موجب پيٽروليم شيون مهانگيون ٿيڻ باوجود استعمال ۾ گهٽتائي بدران واڌارو اچي رهيو آهي ۽ وزيراعظم پيٽروليم سبسڊي ۾ صوبن کي شامل ڪرڻ ۽ راشن بندي ايپ تي صدر کي اعتماد ۾ وٺندو.
حڪومت جو وڏو فيصلو، پيٽرول ۽ ڊيزل جو هاڻي حساب ڪتاب ٿيندو، شهرين کي تيل ڪوٽا موجب ڏنو ويندو
You might also like