اڪثر مرد والٽ کي پنهنجي پينٽ جي پوئين کيسي ۾ رکندا آهن پر اها عادت کين هڪ خطرناڪ مرض ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي.
اسان جي معاشري ۾ مردن جو وڏو انگ پينٽ شرٽ پائيندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو والٽ رکندا آهن ته ان جو ٺڪاڻو پينٽ جو پويون کيسو ئي هوندو آهي پر هوشيار ٿي وڃو! ڇو ته اها عادت توهان کي مستقبل ۾ چيلهه جي مستقل سور ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي.
ماهرن موجب عام ٻولي ۾ ان مرض کي والٽ شياٽيڪا چيو ويندو آهي ۽ ان مرض ۾ عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن جي مبتلا ٿيڻ جي شرح وڌيڪ آهي.
پينٽ جي پوئين کيسي ۾ والٽ رکڻ سان چيلهه جي رڳن تي زور پوندو آهي ۽ هوريان هوريان اها عادت مستقل چيلهه جي سور جو سبب بڻجي ويندي آهي.
طبي ماهرن مشورو ڏنو آهي ته مردن کي گهرجي ته اهي والٽ کي پينٽ جي اڳئين کيسي ۾ رکن يا وري ويهڻ وقت والٽ پوئين کيسي مان ڪڍي پوءِ ويهن.
You might also like