تهران (ويب ڊيسڪ) ايران محمد باقر ذوالقدر کي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو نئون سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو.
ايراني ميڊيا موجب، محمد باقر ذوالقدر کي ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو نئون سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ اهو اهم عهدو شهيد علي لاريجاني وٽ هو، جيڪو 17 مارچ تي تهران ۾ ٿيل هڪ حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو.
محمد باقر ذوالقدر ماضي ۾ پاسدارانِ انقلاب جي ڊپٽي ڪمانڊر ۽ ملڪ جي نائب گهرو وزير طور به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.