لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان معاشي بار عوام تي وجهڻ بدران اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ايران جنگ کي ڏسندي وزيراعظم طرفان بچت پاليسي قدمن تي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت پگهاردار طبقي کان ٽيڪس وصول ڪندي آهي، بجلي جي بلن ۾ فڪسڊ چارجز لڳايا ويا آهن، غريبن تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران اشرافيا جون عياشيون ختم ڪيون وڃن.
هن چيو ته اشرافيا جي مفت بجلي ۽ پيٽرول ختم ڪيو وڃي، 1300 سي سي کان وڌيڪ جون سرڪاري گاڏيون نه هجن، اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو واپس ورتو وڃي.
You might also like