گمڀير کرو ۽ سخت قسم جو ماڻهو آهي، هو ڪنهن هڪ رانديگر تي ڀاڙڻ بدران ٽيم گيم تي يقين رکي ٿو: سارو گنگولي

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي موجوده هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير کي صلاح ڏني آهي ته هو پنهنجي ”سخت“ رويو گهٽائي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي حڪمتِ عملي کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي گنگولي چيو ته گمڀير جو جارحاڻو مزاج پراڻو رهيو آهي، پر کيس غير ضروري طور تي سخت ٿيڻ نه گهرجي.
هن چيو ته ”هو شايد گهڻ ماڻهن کي سخت يا کرو لڳندو هجي، پر هو هڪ ويڙهاڪ رانديگر آهي، کيس اهڙو رويو اختيار نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هو سٺو ماڻهو آهي، مان ساڻس گڏ ڀارت لاءِ کيڏيو آهيان، هو رڳو کٽڻ چاهي ٿو.“
گنگولي وڌيڪ چيو ته گمڀير پنهنجي ٽيم بابت صحيح ڳالهيون ڪري ٿو ۽ هو ٽيم ۾ گڏيل ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جتي فردن بدران اجتماعي سوچ کي اهميت ڏني وڃي ٿي.
واضح رهي ته گوتم گمڀير جي هيڊ ڪوچنگ واري عرصي دوران ڀارت 2025 واري چيمپيئنز ٽرافي ۽ ايشيا ڪپ کٽيا، جڏهن ته ويجهڙائي ۾ ٽيم ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ به پنهنجي نالي ڪيو، اهڙي طرح هو پهريون ڪوچ بڻيو جنهن ٻن اهم آءِ سي سي ٽائيٽلز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
ان باوجود گنگولي جو چوڻ آهي ته گمڀير لاءِ اصل امتحان 2027 وارو ون ڊي ورلڊ ڪپ هوندو، جتي هن کي ٽيسٽ حڪمت عملي ۽ وڏي ٽورنامينٽ جي دٻاءَ ۾ پنهنجي قابليت ثابت ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.