بُري خبر، پاڪستان ۾ تيل اگهن ۾ تاريخي واڌ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي ڪچي تيل جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تاريخي واڌ جو امڪان آهي.
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي سطح تي ڪچو تيل مهانگو ٿي رهيو آهي، جنهن جا اثر پاڪستان تي به پوندا.
ذريعن موجب تيل اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول 55 رپيا ۽ ڊيزل 75 رپيا في ليٽر تائين مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب حڪومت اگهن ۾ مرحلي وار واڌ ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته سبسڊي ڏئي اگهه موجوده سطح تي برقرار به رکي سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.