چنائي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جي حوالي سان اڳوڻي اسپنر روي چندرن ايشون چيو آهي ته هن پنهنجي ڪيريئر دوران سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي.
ويرات ڪوهلي پنهنجي ڪيريئر دوران لڳ ڀڳ هر وڏو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، جنهن سبب هو هاڻي اهڙي ذهني حالت ۾ آهي جتي هو بنا ڪنهن دٻاءَ جي مڪمل آزادي سان کيڏي سگهي ٿو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي اسپنر روي چندرن ايشون چيو ته ” ويرات پنهنجي ڪيريئر ۾ اڳ ئي سڀ ڪجهه حاصل ڪري چڪو آهي، هاڻي سندس زندگي جو سڀ کان وڏو مقصد 2027 وارو ورلڊ ڪپ کٽڻ آهي.“
هن اهو به اعتراف ڪيو ته ”مان ٿورو ساڙ محسوس ڪندو آهيان ته ويرات ڪوهلي ان مقام تي پهچي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪيريئر مڪمل نظر اچي ٿو.“
”ڪوهلي سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو، هاڻ سندس زندگي جو وڏو مقصد 2027 وارو ورلڊ ڪپ کٽڻ آهي“
You might also like