اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ چيني سفير جيانگ زو ڊونگ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو ٽياڪڙ وارو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيني سفير چيو ته چين طاقت بدران ڳالهين ذريعي تڪرارن جي حل جو حامي آهي، وچ اوڀر جي صورتحال ۾ چين هڪ طرفي قدمن ۽ طاقت جي سياست خلاف آهي.
هن چيو ته چين عالمي قانون کي ملڪي قانون جي تابع ڪرڻ جي مخالفت ڪري ٿو، غير فوجي هدفن تي حملا نه ٿيڻ گهرجن ۽ سامونڊي رستن جي سلامتي ۾ خلل نه پوڻ گهرجي، تڪرارن جي حل لاءِ چين جون ٽياڪڙي جون ڪوششون جاري رهنديون.
You might also like