امڙ جو قسم ٿي کاوان ته پلاسٽڪ سرجري ناهي ڪرائي: عليزي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اداڪارا عليزي شاهه سوشل ميڊيا تي پلاسٽڪ سرجري ڪرائڻ بابت هلندڙ خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.

عليزي شاهه سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي هلندڙ خبرن تي رد عمل ڏيندي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي لکيو ته اها وڏي افسوس جهڙي ڳالهه آهي، کيس اميد آهي ته ڪجهه ويوز لاءِ انسٽاگرام تي الزام لڳائيندڙن کي رڳو الله سبق نه سيکاري.

رپورٽس موجب هن چيو ته هوءَ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهي ۽ ٻيهر چوڻ ٿي چاهي ته کيس سندس امڙ جو قسم آهي هن ڪا به پلاسٽڪ سرجري ناهي ڪرائي.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته رڳو ڊپريشن سبب ٻن مهينن ۾ سندس وزن 20 ڪلو گهٽ ٿي ويو.

واضح رهي ته عليزي شاهه پنهنجي مختلف اسٽائيل ۽ ڪپڙن سبب اڪثر سوشل ميڊيا تي توجه جو مرڪز رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.