سنڌ حڪومت جو سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ تي غور

سکر (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون تي غور ڪري رهي آهي.
سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته موجوده حالتون عام حالتن جهڙيون ناهن، جيڪڏهن جنگ ڊگهي هلي ته سڀني لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا.
هن چيو ته ٻارڻ بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان سوچي رهي آهي، روز گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن، اسان سرڪاري گاڏين جو 60 سيڪڙو پيٽرول گهٽائي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.