پاڪستان ريلوي جي عيد جي ٽن ڏينهن دوران رڪارڊ ڪمائي، انگ اکر سامهون اچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي کي عيد جي ٽن ڏينهن دوران مسافر ٽرينن مان رڪارڊ آمدني حاصل ٿي آهي.
پاڪستان ريلوي جي ترجمان موجب، عيد جي پهرين ڏينهن 11 ڪروڙ، ٻئي ڏينهن 17 ڪروڙ ۽ ٽئين ڏينهن 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني ٿي.
ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته گذريل هڪ هفتي دوران ريلوي کي مسافر ٽرينن مان مجموعي طور تي 1 ارب رپين کان وڌيڪ ڪمائي ٿي آهي.
ان ڏس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جو چوڻ آهي ته ريلوي جي هيءَ رڪارڊ آمدني هاڪاري پاليسين جو نتيجو آهي، جنهن تي انتظاميا مبارڪباد جي حقدار آهي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بهتر سهولتون ۽ مضبوط ٽريڪ مسافرن جو حق آهي، جنهن تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون.
هن اعلان ڪيو ته ايندڙ ٽن سالن ۾ ڪراچي کان روهڙي تائين ريلوي ٽريڪ کي مڪمل طور تي اپ گريڊ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.