تهران/تل ابيب/واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ نئين ۽ خطرناڪ موڙ ۾ داخل ٿي وئي آهي، جتي هڪ طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان معاهدي لاءِ پُرعزم هئڻ جون دعوائون ڪري رهيو آهي، ته ٻئي پاسي اسرائيل طرفان ايران جي اهم شهرن تبريز ۽ اصفهان جي توانائي انفرااسٽرڪچر تي فضائي حملن ۾ شدت اچي وئي آهي، هوڏانهن ايران انهن ڳالهين کي ”نفسياتي حربو“ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي، حزب الله جي جوابي ڪارروائين ۽ تل ابيب تي ايراني ميزائل حملن اسرائيل ۾ خوف واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته بحرين سلامتي ڪائونسل ۾ آبناءِ هرمز کي طاقت جي زور تي کولرائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي.
آمريڪي صدر ايران سان معاهدي لاءِ پُرعزم آهي: اسرائيلي اختياريون
اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان معاهدو ڪرڻ لاءِ پُرعزم نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته ان ڳالهه جو امڪان گهٽ آهي ته ايران آمريڪي مطالبن کي قبول ڪندو.
ٻئي پاسي اسرائيلي صحت واري وزير موجب، 28 فيبروري کان هن وقت تائين جنگ دوران 4 هزار 829 زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي، جن مان 111 اڃا تائين علاج هيٺ آهن ۽ 12 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
حزب الله پاران ميزائل حملن ۾ اسرائيلي فوج کي شديد نقصان پهچائڻ جي دعويٰ
لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله ميزائل حملن ۾ اسرائيلي فوج کي شديد نقصان پهچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
حزب الله جو چوڻ آهي ته اڄ صبح اتر اسرائيل ۾ ٻن حملن دوران اسرائيلي فوج کي نشانو بڻايو ويو. ڏکڻ لبنان ۾ هڪ چوڪي تي اسرائيلي فوجين کي گائيڊڊ ميزائل ۽ سرحدي ڳوٺ ڪوزا ۾ سوپ ڊائون ميزائل ذريعي نشانو بڻايو ويو.
تبريز تي حملن ۾ 6 ڄڻا شهيد، ايران جي توانائي انفرااسٽرڪچر کي نشانو بڻايو ويو
ايراني ميڊيا موجب، گذريل رات ايران جي شهر تبريز جي رهائشي علائقن تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 6 ڄڻا شهيد ۽ 9 زخمي ٿي پيا آهن. ان کان سواءِ اصفهان جي اهم توانائي انفرااسٽرڪچر، گيس انتظامي عمارت ۽ گيس پريشر ريگيوليشن اسٽيشن تي فضائي حملا ڪيا ويا.
ڏکڻ اولهه ايران ۾ قائم شهر جي پاور پلانٽ جي گيس پائپ لائن کي نشانو بڻايو ويو.
رپورٽن موجب، صدر ٽرمپ حملن کي 5 ڏينهن تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ان جي باوجود ايران جي توانائي انفرااسٽرڪچر تي حملا جاري آهن.
بحرين پاران آبناءِ هرمز ۾ طاقت جي استعمال جي تجويز
بحرين سلامتي ڪائونسل کان آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ طاقت جي استعمال جي منظوري وٺڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.
هن ٺهراءُ ۾ ”سمورا جوڳا قدم“ کڻڻ جي اجازت گهري وئي آهي، جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ نار وارن ملڪن جي حمايت جو امڪان آهي، پر ٺهراءُ جي منظور ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن، فرانس ان حوالي سان متبادل ٺهراءُ تيار ڪري رهيو آهي.
تل ابيب تي ايراني ميزائل حملو
اسرائيلي ايمرجنسي سروس موجب، ايران پاران تل ابيب تي ڪيل ميزائل حملي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين، گهرن ۽ دڪانن کي پڻ سخت نقصان پهتو آهي.
آمريڪا ايران جنگ تي روزانو ٻه ارب ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي، عالمي ميڊيا جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف
اماراتي اخبار جي رپورٽ موجب، آمريڪا ايران جنگ تي روزانو 2 ارب ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي. شروعاتي 6 ڏينهن ۾ هي خرچ 11.3 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي. پينٽاگون ڪانگريس کان وڌيڪ 200 ارب ڊالر جي فنڊ جي درخواست ڪئي آهي، جنهن جي منظوري ۾ سخت رنڊڪون پيش اچي سگهن ٿيون.