ڪراچي (رپورٽر) آل ڪراچي تاجر اتحاد جي چيئرمين عتيق مير چيو آهي ته ڪراچي ۾ عيد تي خريداري تاريخ جي بدترين سيزن رهي، عيد تي خريداري 40 سيڪڙو گهٽ رهي، واپارين جو اڌ کان وڌيڪ اسٽاڪ وڪرو نه ٿي گهيو،
آل ڪراچي تاجر اتحاد جي چيئرمين عتيق مير چيو آهي ته ڪراچي ۾ عيد سيل سيزن ملڪ جي تاريخ جو بدترين سيزن ثابت ٿيو آهي، هن ٻڌايو ته هن سال عيد تي خريداري گذريل سال جي مقابلي ۾ 40 سيڪڙو گهٽ رهي، عتيق مير موجب عيد لاءِ گدامن ۾ رکيل 70 سيڪڙو اسٽاڪ وڪرو نه ٿي سگهيو ۽ تاجرن صرف 10 ارب رپيا جو مال وڪرو ڪيو، هن چيو ته وڌندڙ مهانگائي سبب عوام لاءِ روزمره جي خرچ ۽ تهوارن تي خريداري ڪرڻ ڏکي ٿي وئي آهي، مهانگائي سبب عوام جون دانهون آهن ۽ عوام خريداري نه پيو ڪري.