”YOU ARE FIRED“ ٽرمپ هن جملي جو مطلب چڱي ريت سمجهي ٿو\ايراني ڪمانڊر

تهران (م ڊ) ايران جي مرڪزي فوجي هيڊڪوارٽر ”ختم الانبياء“ هڪ وڊيو پيغام جاري ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سخت لفظن ۾ خبردار ڪيو آهي. ترجمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آمريڪي فوجي ميزائلن جي حملن کان اڳ ئي خوف جو شڪار ٿي ويندا آهن. پيغام جي آخر ۾ ٽرمپ جي مشهور ٽي وي شو واري جملي "You are fired” جو استعمال ڪندي چيو ويو ته ٽرمپ هن جملي جو مطلب چڱي ريت سمجهي ٿو. ايران جو چوڻ آهي ته هي پيغام انهن لاءِ آهي جيڪي ايران جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن.

تهران (م ڊ) ايران جي سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري ”مهر نيوز“ تهران جي پرڏيهي وزارت جي حوالي سان اها خبر ڏني ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جيتوڻيڪ ان کان اڳ ڪجهه ايراني اختيارين ڳالهين جي ترديد ڪئي هئي. ايران جي طاقتور فوجي قوت پاسدارانِ انقلاب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ”دوکيباز آمريڪي صدر“ قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس تضادن سان ڀريل بيان بازي ايران کي پنهنجيدفاعي مقصدن تان هٽائي نه سگهندي. آرمي چيف ۽ ٻين اختيارين جي ان بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ جي دعوائن جي باوجود، ايران جو ڌيان پنهنجي ”جنگي محاذ“ تان نه هٽندو. هي سخت ردعمل ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ”اهم نقطن“ تي اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ معاهدو ويجهو آهي. پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان موجب، آمريڪي صدر جا بيان رڳو وقت حاصل ڪرڻ ۽ توانائي جي اگهن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ آهن، پر ايران پنهنجي قومي مفادن ۽ علائقائي دفاع تي ڪا به سوديبازي نه ڪندو. هنن واضح ڪيو ته دشمن جي ڪنهن به چالبازي جو جواب ڏيڻ لاءِ ايراني فوج هر وقت تيار آهي. ايران جي مرڪزي فوجي هيڊڪوارٽر ”ختم الانبياء“ هڪ وڊيو پيغام جاري ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سخت لفظن ۾ خبردار ڪيو آهي. ترجمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آمريڪي فوجي ميزائلن جي حملن کان اڳ ئي خوف جو شڪار ٿي ويندا آهن. پيغام جي آخر ۾ ٽرمپ جي مشهور ٽي وي شو واري جملي "You are fired” جو استعمال ڪندي چيو ويو ته ٽرمپ هن جملي جو مطلب چڱي ريت سمجهي ٿو. ايران جو چوڻ آهي ته هي پيغام انهن لاءِ آهي جيڪي ايران جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن. ان کان اڳ ايران آمريڪا سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي خبرن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو هو. ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي ته تهران ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ نه ته سڌو سنئون ۽ نه ئي ڪنهن ٽئين ڌر ذريعي ڪو رابطو آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته ٽرمپ جي تازي بيان جو مقصد رڳو توانائي جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پنهنجي فوجي منصوبن لاءِ وقت حاصل ڪرڻ آهي. ايراني اختيارين موجب، آمريڪي صدر ڳالهين جي ڪوڙي دعويٰ ايران جي سخت ردعمل ۽ جوابي حملي جي ڌمڪي کانپوءِ ڪئي آهي.  ان کان اڳ ايراني صدر مسعود پزشڪيان پڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪنهن به حملي جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، ۽ ڌمڪيون ايراني قوم کي ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.