ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏھاڙي يومِ پاڪستان جي موقعي تي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مزار قائد جو دورو ڪيو. مزار تي پهچڻ تي وڏي وزير جو سندس ڪابينا ميمبرن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ ڪمشنر ڪراچي طرفان ڀرپور آڌرڀاءُ ڪيو ويو، سنڌ جي گورنر نهال هاشمي جي مزار قائد پھچڻ تي وڏي وزير سندن آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي بانيِ محمد علي جناح جي روح کي ثواب پھچائڻ خاطر گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو 23 مارچ جي تاريخي ڏينهن تي قائداعظم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ آيا آهن ۽ اڄوڪي ڏينھن 86 سال اڳ لاهور ۾ قرارداد پاڪستان منظور ڪئي وئي هئي. هن چيو ته پاڪستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سنڌ اهم ڪردار ادا رھيو آھي ۽ سنڌ اسيمبلي سڀ کان پهرين قرارداد لاهور کان پوءِ پاڪستان جي قيام جي حمايت ۾ قرارداد پاس ڪئي، جنهن سان پاڪستان جي قيام جي بنياد پئي. قومي اڳواڻن کي ڀيٽا پيش ڪندي هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي دفاع کي مضبوط ڪيو ۽ ايٽمي پروگرام جي بنياد وڌي، جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميزائل پروگرام ذريعي ملڪ جي دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻايو. سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ پاڪستان صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ مضبوط بيٺو آهي، جڏهن ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت هيٺ هٿياربند فوجون مڪمل طور تي چوڪس آهن. هن چيو ته دشمن پاڪستان ڏانهن اک به کڻي نٿو سگهي.وڏي وزير زور ڀريو ته پاڪستان کي قائداعظم جي اصولن؛ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خطي جي ھاڻوڪي صورتحال کي ڏسندي اسان کي متحد رهڻو پوندو ۽ اختلافن کان مٿاھون ٿي پاڪستان جو دفاع ڪرڻو پوندو. سيد مراد علي شاهه علائقائي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ايران خلاف جارحيت جي مذمت ڪئي ۽ افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن خلاف پاڪ فوج جي ڪارروائين جي واکاڻ ڪئي. وڏي وزير عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کي ورجائيندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي تشدد جي مذمت ڪئي ۽ مسلم دنيا ۾ امن جي گھرج لاءِ زور ڀريو. هن چيو ته جنگ ڪنهن جي به فائدي ۾ ناهي، اسان امن لاءِ دعاگو آھيون ۽ مسلم اڳواڻن کي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ترقياتي رٿائن بابت وڏي وزير چيو ته هو 2018ع کان لڳاتار اهو مامرو اٿاريندو رھيو آھي تھ وفاقي حڪومت سنڌ کي مناسب ترقياتي رٿائون فراهم نٿي ڪري، پر موجوده وفاقي حڪومت دوران صورتحال بهتر ٿي آهي. هن چيو ته سندن گھر تي ھاڻوڪي وفاقي سرڪار ۾ سنڌ کي ترقياتي رٿائون ڏنيون ويون آهن ۽ سندس سدائين قومي ترقياتي رٿائن ۾ صوبي جي حصي لاءِ آواز اٿاريندو رھيو آھي. سيد مراد علي شاهه سنڌ لاءِ ترقياتي رٿائون ۽ فنڊ فراھم ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. سيد مراد علي شاهه پنهنجي عزم کي ورجايو ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت صوبي جي آئيني حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي ۽ قومي مفاد ۾ فيصلا ڪندي، پر سنڌ جي حقن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.