نورا فتيحي جي جُهمر تي ڀارت ۾ ممڻ مچي ويو، گاني تي پابندي، فتويٰ به جاري!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪنڙا ٻولي ۾ ٺهندڙ فلم ”ڪي ڊي: دي ڊيول“ جي گيت ”سرڪي سرڪي چنر تيري سرڪي“ تي تڪرار کانپوءِ ڀارتي حڪومت سمورن پليٽفارمز تي ان جي نشريات تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي
ماڊل، ڊانسر ۽ اداڪارا نورا فتيحي ۽ سنجي دت تي فلمايل ان گيت بابت سوشل ميڊيا تي ڪيئي واهپيدارن تنقيد ڪندي چيو ته گيت جا ٻول ” فحش“ آهن.
گذريل هڪ هفتي دوران اهو معاملو ايترو وڌي ويو جو ڀارت جي قومي انساني حقن واري ڪميشن مرڪزي حڪومت کي قانوني نوٽيس جاري ڪيو، جڏهن ته عورتن جي قومي ڪميشن فلم جي اداڪارن ۽ فلمسازن کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس موڪليو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، علي ڳڙهه جي مسلم پرسنل لا دارالافتاءَ به نورا فتيحي خلاف فتويٰ جاري ڪئي آهي.
فلم سان واڳيل مختلف فنڪارن گيت جي ٻولن تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
گيت ڳائيندڙ گلوڪارا مانگلي سوشل ميڊيا تي واهپيدارن کان معافي گهري ۽ گيت جو نئون ورزن آڻڻ جو واعدو ڪيو آهي.
گيت ڪار رقيب عالم چيو آهي ته گاني جا ٻول هن ناهن لکيا، هن رڳو ان کي ڪنڙ ٻولي مان هندي ۾ ترجمو ڪيو آهي.
اداڪارا نورا فتيحي چيو ته هن گيت ڪنڙ ٻولي ۾ شوٽ ڪيو هو ۽ کيس ٻولن جي معنيٰ جي خبر نه هئي.
هن چيو ته جيئن ئي هن هندي ترجمو ٻڌو ته کيس خبر پئي ته گيت تي اعتراض ٿيندو، هن هدايتڪار کي به ان بابت آگاهه ڪيو ۽ هن گيت جي مشهوري مهم ۾ به حصو نه ورتو هو.
ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي پر اهو معاملو ڀارتي پارليامينٽ تائين به پهتو، جڏهن ته 17 مارچ تي انساني حقن واري ڪميشن سينسر بورڊ، سڌ سماءَ واري وزارت ۽ گوگل انڊيا کي نوٽيس جاري ڪيو.
ان کانپوءِ ڀارت جي سڌ سماءُ واري مرڪزي وزير اعلان ڪيو ته گيت کي سمورن پليٽفارمز تان هٽايو ويندو.
هوڏانهن سينسر بورڊ جو چوڻ آهي ته گيت رليز کان اڳ منظوري لاءِ پيش نه ڪيو ويو هو ۽ آن لائن مواد تي سندن سڌو ڪنٽرول ناهي.
سينسر بورڊ موجب، فلمن جي سرٽيفڪيشن لاءِ گيتن جا ٻول ۽ تفصيل جمع ڪرائڻ لازمي هوندو آهي.
واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڀارت ۾ ڪنهن آئٽم سانگ تي پابندي لڳي هجي، اڳ به اهڙا مثال موجود آهن.
بالي ووڊ ۾ آئٽم سانگن جي روايت پراڻي آهي، جنهن ۾ اداڪارائون رقص ڪندي نظر اينديون آهن.
فلمي نقادن موجب، اهڙا گيت فلمن جي مقبوليت وڌائڻ لاءِ ٺاهيا ويندا آهن، پر جديد دور ۾ انهن جي ٻولن تي وڌيڪ تنقيد ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.