پي ايس ايل انتظامي معاملن ۽ رانديگرن جي حقن بابت آءِ پي ايل تي حاصل ڪري ورتي

ورلڊ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن(ڊبليو سي اي ) طرفان گذريل هفتي جاري ڪيل رپورٽ جي تجزيي مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيتوڻيڪ ڀارت جي انڊين پريميئر ليگ(آءِ پي ايل) مجموعي درجا بندي ۾ پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) کان اڳتي آهي، پر رانديگرن جي حقن، معاهدن جي شفافيت ۽ گورننس وارن شعبن ۾ پي ايس ايل جو نظام وڌيڪ مضبوط ۽ متوازن آهي.
ڊبليو سي اي جي رپورٽ ۾ ٽئين نمبر تي موجود آءِ پي ايل کي 62.6 جڏهن ته پنجين نمبر تي موجود پي ايس ايل کي 48.0 پوائنٽس ڏنا ويا هئا، پر هن فرق جو بنيادي سبب رانديگرن جي پگهارن کي ڏني ويندڙ غير معمولي اهميت آهي.
هن رپورٽ جي ترتيب ۾ رانديگرن جي مجموعي سراسري پگهار کي 45 سيڪڙو وزن ڏنو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به ليگ جي مجموعي درجابندي تي فيصلائتو اثر وجهي ٿو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ پي ايل ۾ رانديگرن جي سراسري هفتيوار آمدني 59041 آمريڪي ڊالر آهي، جيڪا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ ان بنياد تي هن ڪيٽيگري ۾ آءِ پي ايل کي مڪمل اسڪور مليو.
ان جي ابتڙ پي ايس ايل ۾ سراسري هفتيوار آمدني 16579 ڊالر آهي، جيڪا آءِ پي ايل جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 28 سيڪڙو ٿئي ٿي، اهوئي فرق مجموعي اسڪور ۾ 30 کان وڌيڪ پوائنٽس جو نمايان خال پيدا ڪري ٿو.
پگهارن جي تفصيل جو گهرائي سان جائزو وٺڻ تي هڪ مختلف تصوير سامهون اچي ٿي، گهٽ ۾ گهٽ پگهار واري معاملي ۾ پي ايس ايل گهڻي بهتر نظر اچي ٿي، جتي رانديگرن کي لڳ ڀڳ 3868 ڊالر هفتيوار ملن ٿا، جيڪي عالمي معيار جو 36.8 سيڪڙو آهن، جڏهن ته آءِ پي ايل ۾ اها رقم لڳ ڀڳ 2300 ڊالر يعني 22 سيڪڙو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پي ايس ايل ۾ آمدني جي ورڇ وڌيڪ متوازن آهي، ان کانسواءِ روينيو شيئر واري معاملي ۾ به پي ايس ايل کي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.