پيٽروليم ليوي ۾ واڌ کانپوءِ حڪومت جو هڪ ٻيو اهم فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سرڪاري گاڏين ۾ هاءِ اوڪٽين فيول جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
هاءِ اوڪٽين فيول تي پيٽروليم ليوي ۾ واڌ جي فيصلي جي تسلسل ۾ وزيراعظم اهم فيصلو ڪندي سرڪاري گاڏين ۾ هاءِ اوڪٽين ٻارڻ جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي فوري طور عمل ٿيندو.
ان سلسلي ۾ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري خرچ تي هاءِ اوڪٽين جي استعمال تي سخت پابندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن کاڌي ۾ ان جو استعمال اڻٽر هجي ته لاڳاپيل آفيسر ذاتي خرچ تي ٻارڻ پنهنجي گاڏي ۾ وجهرائيندو.
سڀني وفاقي کاتن، اٿارٽيز ۽ ذيلي ادارن کي فيصلي تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.