جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ هاڻي رڳو چيٽنگ تائين محدود ناهي رهي! گذريل ڪجهه سالن دوران واٽس ايپ ۾ ڪيئي نوان فيچرز شامل ڪيا ويا آهن، پر اڪثر واهپيدار اڃا تائين انهن کان اڻواقف آهن يا وري سندن ڌيان ان پاسي ناهي ويو. جيڪڏهن توهان به چاهيو ٿا ته پنهنجي واٽس ايپ جي تجربي کي وڌيڪ محفوظ، تيز ۽ سمارٽ بڻايو، ته پوءِ اهي جديد ٽرڪس ضرور ڄاڻو جيڪي هن پليٽ فارم تي توهان جي تمام گهڻو ڪم اچي سگهن ٿيون.
مخصوص واهپيدارن لاءِ مختلف نوٽيفڪيشن سيٽ ڪرڻ
ها، توهان واٽس ايپ ۾ مخصوص ماڻهن لاءِ مختلف نوٽيفڪيشن سيٽ ڪري سگهو ٿا.
واٽس ايپ طرفان ڪسٽمائيز نوٽيفڪيشن ٽونز جو آپشن فيورٽ ڪنٽيڪٽس لاءِ ڏنو ويو آهي، يعني اهي ماڻهو جن سان توهان گهڻو رابطو ڪندا آهيو يا جن کي فوري جواب ڏيڻ ضروري هوندو آهي.
آءِ فونز ۾ ان لاءِ ان شخص جي چيٽ کوليو، ڪانٽيڪٽ نالي تي ڪلڪ ڪريو، وڌيڪ فيچرز ۾ وڃو، هيٺ اسڪرول ڪري نوٽيفڪيشنز، الرٽ ٽون ۽ پنهنجي پسند جو آواز چونڊيو.
اينڊرائيڊ فون ۾ به ساڳيو طريقو آهي، رڳو الرٽ ٽون جي جاءِ تي نوٽيفڪيشن ٽون لکيل هوندو
هڪ فون ۾ هڪ کان وڌيڪ واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪريو
واٽس ايپ ۾ اڪثر واهپيدارن کي مسئلو ٿيندو آهي ڇو ته پرسنل ۽ پروفيشنل ڪانٽيڪٽس هڪ اڪائونٽ ۾ گڏجي ويندا آهن.
ان جو حل اهو آهي ته مختلف نمبر پرسنل ۽ پروفيشنل ڪم لاءِ استعمال ڪيا وڃن.
هاڻي توهان کي ٻه فون رکڻ جي ضرورت ناهي، توهان هڪ ئي فون ۾ ڪيترائي واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪري سگهو ٿا.
سيٽنگز ۾ وڃي پروفائل تصوير ڀرسان موجود + آئڪن تي ڪلڪ ڪريو، پوءِ ايڊ اڪائونٽ چونڊيو، نمبر داخل ڪريو ۽ ڪوڊ ويـريفاءِ ڪريو.
وائس ميسيج کي ٽرانسڪرائب ڪريو
هي فيچر اهڙن واهپيدارن لاءِ ڪارائتو آهي جيڪي گوڙ واري ماحول ۾ آڊيو ٻڌي نٿا سگهن.
هي فيچر وائس نوٽ کي لکت ۾ تبديل ڪري ٿو ته جيئن توهان ان کي پڙهي سگهو.
ان لاءِ سيٽنگز وڃي چيٽس، وائس ميسيج ٽرانسڪرپٽس ۽ پوءِ مينيوئلي چونڊيو جنهن کانپوءِ پوءِ پنهنجي گهربل ٻوليءَ وارو آپشن سليڪٽ ڪريو.
ان کانپوءِ هر وائس نوٽ هيٺان ٽرانسڪرائب نظر ايندو.
پروفائل تصوير مخصوص ڪانٽيڪٽس کان لڪايو
ان لاءِ سيٽنگز، پرائيويسي، پروفائل پڪچر My contacts except چونڊيو ۽ اهڙن ماڻهن کي سليڪٽ ڪريو جن کان تصوير لڪائڻ چاهيو ٿا.
ڊيليٽ فار مي پيغام واپس آڻيو
هن فيچر جو استعمال ان وقت ڪري سگهجي ٿو جڏهن توهان ڪنهن پيغام کي ڊليٽ فار ايوري ون بدران غلطي سان ڊليٽ فار مي ڪري ڇڏيو.
ائين ڪرڻ سان توهان جي سامهون پيغام ڊليٽ فار مي جملي سان گڏ ” ان ڊو“ وارو آپشن نظر ايندو، ان ڊو تي ڪلڪ ڪرڻ تي ڊليٽ ٿيل ميسيج واپس آڻي سگهو ٿا.
پر توهان وٽ ڊليٽ پيغام ان ڊو ڪرڻ لاءِ بس ڪجهه سيڪنڊ هوندا ۽ ان کانپوءِ اِهو آپشن گم ٿي ويندو.
ڊس اپيئرنگ ميسيجز لاءِ ٽائمر سيٽ ڪريو
واٽس ايپ تي اڪثر ماڻهن سان اهڙي چيٽ ناهي هوندي جنهن کي محفوظ رکيو وڃي، يا اهي خانگي يا حساس ڄاڻ تي ٻڌل هونديون آهن جيڪي توهان چاهيو ٿا ته ڪو به ڪڏهن به پڙهي نه سگهي.
تنهنڪري اهڙين چيٽس لاءِ ”’ڊس اپيئرنگ ميسيجز“ واري آپشن کي آن ڪري سگهجي ٿو، جنهن تحت ان چيٽ جا سمورا ميسيجز 24 ڪلاڪن، 7 ڏينهن يا 90 ڏينهن کانپوءِ پاڻمرادو ختم/ڊليٽ ٿي ويندا آهن.
هن فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ جي سيٽنگز، پوءِ پرائيويسي ۽ ان کانپوءِ ڊيفالٽ ميسيج ٽائمر ۾ وڃي پنهنجي پسند جي وقت جو تعين ڪريو ته پوءِ هي فيچر تمام چيٽس تي لاڳو ٿي ويندو.
جيڪڏهن توهان ڪنهن هڪ مخصوص چيٽ لاءِ ان کي استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا، ته پوءِ ان چيٽ کي اوپن ڪري ڪانٽيڪٽ نيم تي ڪلڪ ڪريو ۽ اتي ”ڊس اپيئرنگ ميسيجز“ فيچر سليڪٽ ڪريو.
اوپرن اڪائونٽس جي اسپام ميسيجز کي بلاڪ ڪريو
جيڪڏهن توهان کي اڪثر اوپرن نمبرن تان واٽس ايپ تي ميسيجز اچي رهيا آهن ته انهن کي بلاڪ ڪرڻ هاڻي ممڪن آهي، ان لاءِ واٽس ايپ جي سيٽنگز ۾ وڃي پرائيويسي ۽ پوءِ ايڊوانسڊ ۾ وڃي بلاڪ ان نون اڪائونٽ ميسيجز واري پشن کي آن ڪري ڇڏيو، هي فيچر آن ڪرڻ کانپوءِ توهان کي تڏهن اڻڄاتل ماڻهن جا پيغام موصول نه ٿيندا جڏهن انهن جو انگ هڪ مخصوص حد کان وڌي ويندي.
ايپ لاڪ جو استعمال ڪريو
واٽس ايپ جي اندر ايپ لاڪ وارو فيچر موجود آهي ۽ ان کي استعمال ڪرڻ ڏاڍو سولو آهي، اينڊرائيڊ فونز ۾ واٽس ايپ اوپن ڪري سيٽنگز، پوءِ پرائيويسي ۽ ان کانپوءِ ايپ لاڪ تي ڪلڪ ڪري ان کي آن ڪريو، جنهن کانپوءِ توهان فنگر پرنٽ لاڪ وارو آپشن استعمال ڪري سگهو ٿا، جڏهن ته آءِ فون ۾ رڳو فيس آءِ ڊي جو آپشن موجود هوندو.
ٻين ماڻهن کي واٽس ايپ گروپن ۾ ايڊ ڪرڻ کان روڪيو
هن فيچر لاءِ واٽس ايپ سيٽنگز ۾ پرائيويسي ۽ پوءِ گروپس جو چونڊ ڪريو، گروپس جي اندر My contacts except تي ڪلڪ ڪري اهڙن ماڻهن کي چونڊيو جن کي توهان روڪڻ چاهيو ٿا، جن ڪانٽيڪٽس کي توهان چونڊيندا، اهي توهان کي ڪنهن به واٽس ايپ گروپ ۾ ايڊ نه ڪري سگهندا.
پاس ڪيز ذريعي سيڪيورٽي بهتر بڻايو
پاس ڪيز بنيادي طور تي ڊجيٽل چاٻيون آهن جن جو استعمال سولو ۽ وڌيڪ محفوظ آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ڪنهن ويب سرور تي محفوظ نه ٿينديون آهن، هن سان ڪنهن به سروس ۾ لاگ ان ٿيڻ وڌيڪ محفوظ ٿي ويندو آهي، واٽس ايپ ۾ هي فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ سيٽنگز اوپن ڪريو، اتي پاس ڪيز وارو آپشن چونڊي Create a passkey تي ڪلڪ ڪريو، ان کانپوءِ اسڪرين تي ايندڙ هدايتن تي عمل ڪريو، جنهن موجب توهان پنهنجي موبائيل جي اسڪرين لاڪ، فنگر پرنٽ يا چهري کي پاس ڪي طور استعمال ڪري سگهندا.
مخصوص چيٽس لاڪ ڪريو
هي فيچر اٽڪل 3 سال پراڻو آهي جنهن تحت توهان مختلف چيٽس کي هڪ فولڊر ۾ محفوظ ڪري سگهو ٿا، ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ جنهن چيٽ کي لاڪ ڪرڻ چاهيو ٿا، ان کي اوپن ڪري مٿان پروفائل جي نالي تي ڪلڪ ڪريو ۽ اتي لاڪ چيٽ آپشن جو چونڊيو.
پنهنجي اسٽيٽس کي مخصوص اڪائونٽس کان لڪايو
واٽس ايپ ۾ عام طور تي توهان جو اسٽيٽس سڀني کي نظر ايندو آهي، پر توهان ان کي مخصوص ماڻهن کان لڪائي سگهو ٿا، ان لاءِ واٽس ايپ سيٽنگز ۾ پرائيويسي ۽ پوءِ اسٽيٽس تي وڃو. اتي My contacts except تي ڪلڪ ڪري اهڙن ڪانٽيڪٽس کي چونڊيو جن کان اسٽيٽس لڪائڻ چاهيو ٿا، يا وري توهان رڳو ڪجهه ماڻهن سان اسٽيٽس شيئر ڪرڻ وارو آپشن به چونڊي سگهو ٿا.