تهران/واشنگٽن/تل ابيب/اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) ايران طرفان اسرائيل تي ميزائلن ۽ ڊرونز جي 94هين لهر فائر ڪرڻ ۽ آمريڪي جنگي جهاز ڪيائڻ جي دعويٰ سامهون آئي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچيآمريڪي ميڊيا جي انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي ته ايران ڳالهين لاءِ اسلام آباد وڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ان وضاحت جي آجيان ڪندي علائقي ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ورجايو آهي.
پاڪستان جي ڪوششن جا ٿورائتا آهيون، ڪڏهن به اسلام آباد وڃڻ کان انڪار ناهي ڪيو: ايراني پرڏيهي وزير
ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته ”آمريڪي ميڊيا ايران جي موقف کي غلط انداز ۾ پيش ڪري رهي آهي.“
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”اسان پاڪستان جي ڪوششن لاءِ دل سان ٿورائتا آهيون ۽ اسان ڪڏهن به ڳالهين لاءِ اسلام آباد وڃڻ کان انڪار ناهي ڪيو.“
هن وڌيڪ چيو ته ”اسان لاءِ اهم ڳالهه ان غير قانوني جنگ جي حتمي ۽ دائمي خاتمي جا شرط آهن جيڪا اسان تي مڙهي وئي آهي.“
ٻئي پاسي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايڪس تي ئي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ”اسان توهان جي طرفان ڏنل وضاحت جي آجيان ڪريون ٿا.“
واضح رهي ته پاڪستان طرفان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ پاڪستان طرفان ان اهم معاملي تي ٽياڪڙ طور سامهون اچڻ خطي ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي.
آمريڪي دهشتگرد فوجن جو مقدر علائقي مان ڀڄڻ آهي: پاسداران انقلاب
ايراني پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊر جنرل قاآني جو چوڻ آهي ته سمورن آمريڪي دهشتگرد فوجن جو مقدر علائقي مان ڀڄڻ آهي.
جنرل قاآني چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي سامونڊي ٻيڙي جيرالڊ فورڊ جي ڪمانڊر کي به هٽائڻ گهرجي، جيرالڊ فورڊ جي ڪمانڊر يمن جي بهادر مجاهدين ۽ ثابت قدم عوام جي ڊپ کان آبناءِ باب المندب مان لنگهڻ جي جرئت نه ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪمانڊر جيرالڊ فورڊ 2 هفتن جي خواريءَ کانپوءِ من گهڙت ڪهاڻي ٺاهي ڳاڙهي سمنڊ مان فرار ٿي ويو.
ايران اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائلن، ڊرونز جي 94هين لهر فائر ڪري ڇڏي
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاسدارانِ انقلاب گارڊز اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز جي 94هين لهر فائري ڇڏي آهي.
ايراني ميڊيا موجب، اسرائيل جي ڏاکڻي، وچولي ۽ اترين علائقن ۽ تل ابيب تي ميزائل فائر ڪيا ويا، ايراني فورسز اسرائيل ۾ اهم صنعتي ۽ فوجي مرڪزن کي نشانو بڻايو.
ايران طرفان هينئر تائين 7 آمريڪي جهاز ڪِيرايا ويا: سي اين اين رپورٽ
آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جو چوڻ آهي ته ايران طرفان هينئر تائين 7 آمريڪي جهاز ڪِيرايا ويا آهن.
سي اين اين جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تباهه ڪيل جهازن ۾ ايف 35، ايف 15 ايگل ۽ اي ٿري جاسوس جهاز شامل آهن.
جوهري پاور پلانٽ ويجهو پروجيڪٽائل حملي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو
ايران ۾ بوشهر جوهري پاور پلانٽ جي پيريميٽر جي ويجهو پروجيڪٽائل حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو.
ايراني ميڊيا موجب، حملي ۾ بوشهر پاور پلانٽ جي مرڪزي حصن کي نقصان ناهي پهتو، جڏهن ته پاور پلانٽ جي پيداوار به متاثر ناهي ٿي.
ايران جي صوبي خوزستان ۾ پيٽروڪيميڪل زون ۾ ڌماڪا، جاني نقصان جو خدشو
ايراني ميڊيا موجب، ڏکڻ اولهه صوبي خوزستان ۾ ماهشهر اسپيشل پيٽروڪيميڪل زون ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، ماهشهر اسپيشل پيٽروڪيميڪل زون تي آمريڪي اسرائيلي حملي ۾ جاني نقصان جو خدشو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ بندر امام پيٽروڪيميڪل ڪمپليڪس کي نشانو بڻايو ويو، حملي ۾ بندر امام پيٽروڪيميڪل ڪمپليڪس جي ڪجهه سيڪشنز کي نقصان پهتو.
ايراني ايئر ڊفينس سسٽم اصفهان ۾ آمريڪي ايم ڪيو ون ڊرون ڪِيرائي ڇڏيو
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني فورسز اصفهان ۾ آمريڪي ڊرون ڪِيرائي ڇڏيو، ايراني جديد ايئر ڊفنيس سسٽم اصفهان ۾ آمريڪي ايم ڪيو ون ڊرون ڪِيرائي ڇڏيو.
ايران جو تباهه ڪيل آمريڪي جهاز جي پائلٽ جي ڳولا تي انعام جو اعلان
ايران ڪيرايل آمريڪي جهاز جي پائلٽ جي ڳولا تي 66 هزار 100 ڊالر انعام جو اعلان ڪيو آهي.
برطانوي ميڊيا، ايراني سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته آمريڪي پائلٽ کي زنده پڪڙيندڙ شهري کي انعام ڏنو ويندو.
آمريڪي ميڊيا موجب، آمريڪي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته جهاز جي پائلٽ کي بچائي ورتو ويو، جڏهن ته عملي جو هڪ ميمبر گم آهي، لاپتا اهلڪار جهاز ۾ موجود ويپن سسٽمز آفيسر هو.
واضح رهي ته آمريڪي ايف 15 جهاز گذريل ڏينهن ڏکڻ ايران ۾ ڪيرايو ويو هو.
ايران جي حڪمت عملي آمريڪن کي اولهه ايشيا مان ڪڍڻ آهي: جنرل شڪارچي
ايراني جنرل اسٽاف آف آرمڊ فورسز جي ترجمان جنرل شڪارچي جو چوڻ آهي ته ايران جي حڪمت عملي آمريڪن کي اولهه ايشيا مان ڪڍڻ آهي.
جنرل شڪارچي چيو ته ايراني نار آمريڪن ۽ صهيونين لاءِ بند رهندي.
ايراني پاسداران انقلاب جو ٽرمپ جي ايراني پُلن ۽ بجلي گهرن کي اڏائڻ واري ڌمڪي تي سخت ردعمل
ايراني پاسداران انقلاب گارڊز جي ترجمان آمريڪي صدر ٽرمپ جي ايراني پُلن ۽ بجلي گهرن کي اڏائڻ جي ڌمڪي تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايراني پلن ۽ بجلي گهرن کي نشانو بڻايو ويو ته ايراني فوج علائقي ۾ آمريڪي اسرائيلي فيول، توانائي ۽ معاشي سيڪٽرن کي نشانو بڻائيندي.
پاسداران انقلاب گارڊز جو چوڻ آهي ته ايراني فوج آمريڪا، ان جي اتحادي ملڪن ۽ ميزبانن جي اثاثن کي به نشانو بڻائيندي، علائقي ۾ آمريڪي اڏن جي ميزبان ملڪ جيڪڏهن نقصان کان بچڻ چاهين ٿا ته آمريڪن کي پنهنجي سرزمين تان نيڪالي ڏين.
ايران خلاف جنگ دوران 13 اهلڪار مارجي چڪا آهن: پينٽاگون
آمريڪي دفاعي وزارت جي انگن اکرن موجب، ايران خلاف جنگ جي شروعات کان وٺي هينئر تائين سندس فوج جا 365 اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن.
هينئر تائين آمريڪي فوج جا 247، نيوي جا 63، 19 ميرينز ۽ ايئروفورس جا 36 اهلڪار هن جنگ دوران زخمي ٿي چڪا آهن.
پينٽاگون جي انگن اکرن موجب، هن جنگ دوران هينئر تائين 13 اهلڪار مارجي چڪا آهن.