شهيد ڀٽو ايٽمي پروگرام ڏئي پاڪستان کي عالمي طاقتن جي شر کان بچايو: بلاول ڀٽو زرداري

ڳڙهي خدابخش(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگ سبب ڏکيائيون پيدا ٿي رهيون آهن، سياسي قوتن کي اختلافن کي هڪ پاسي رکي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته خطي ۾ جنگي صورتحال آهي ۽ ايران خلاف غيرقانوني جنگ جي مذمت ڪيون ٿا.
هن چيو ته جنگ جا اثر پاڪستان تي به پئجي رهيا آهن ۽ حڪومت جي ڪوشش آهي ته وسيلن اندر رهندي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.
بلاول ڀٽو چيو ته مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سڌي سبسڊي ڏيڻ گهرجي، ڇو ته عام ماڻهو مهانگائي جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غريبن جي مدد ڪئي پئي وڃي ۽ ڏکين حالتن ۾ هي پروگرام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته مهانگائي جي لهر عوام جي معاشي حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي.
بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ هارين ۽ موٽر سائيڪل سوارن کي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام سبب ملڪ محفوظ آهي ۽ پيپلز پارٽي هميشه قومي اتحاد لاءِ ڪم ڪيو آهي.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته شهيد ڀٽو جي ڏنل ايٽمي پروگرام جي ڪري اڄ ڪو به پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي نٿو ڏسي سگهي، ڪجهه قوتون نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست تي يقين رکن ٿيون، پر پيپلز پارٽي هميشه قوم کي گڏي ڪيو آهي ۽ اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.
بلاول ڀٽو چيو ته ليبيا ۽ فلسطين جهڙي جارحيت پاڪستان تي نه ٿيڻ جو ڪارڻ اسان جو ايٽمي پروگرام ئي آهي، پيپلز پارٽي مستقبل ۾ به ملڪ جي ترقي ۽ دفاع ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي، قائد عوام ايٽمي بنياد رکي ملڪ کي عالمي طاقتن جي شر کان هميشه لاءِ محفوظ ڪيو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ايٽمي تحفو ڏيڻ تي ذوالفقار علي ڀٽو کي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو، ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو پاڪستان پر پوري مسلم امت جو عظيم ترين ليڊر هو، لاهور ۾ او آءِ سي ڪانفرنس ڪرائڻ شهيد ڀٽو جي عالمي سفارتي دنائي جو نمونو هو.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ملڪ کي پيش چيلينجز جو مقابلو گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي ۽ قومي هم آهنگي سان پاڪستان کي معاشي طور مضبوط بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.