ٽرمپ پاران ايراني بجلي گهرن تي حملا ملتوي ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ڪچو تيل سستو ٿي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايراني پاور پلانٽن تي حملا ملتوي ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه گهٽجي ويا.
آمريڪي ميڊيا موجب ٽرمپ جي اعلان سبب واپاري وقتن کان اڳ ئي تيل جا اگهه تيزي سان ڪري پيا.
برطانوي تيل برينٽ ڪروڊ جي قيمت 109 ڊالر في بيرل کان 94 ڊالر تي پهتي پر پوءِ 97 ڊالرن کان مٿي هلي وئي، هن وقت برينٽ ڪروڊ 100 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي.
هوڏانهن آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت به 10 سيڪڙو تائين گهٽجڻ کانپوءِ 88.80 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.