اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کيس ۽ ايراني عوام کي عيدالفطر ۽ نوروز جي مبارڪباد ڏني.
ايراني صدر وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم جنگ ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
شهباز شريف نار خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو، هن مسلم امت ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.
وزيراعظم پاڪستاني قيادت جي سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن کي هٿي لاءِ تعميري ڪردار جاري رکندو.
You might also like