اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري پاڻي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڀارت پاران گڏيل آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ واري عمل تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. صدر زرداري چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ هائيڊرولاجيڪل ڊيٽا جي شيئرنگ ۾ رنڊڪون وجهڻ وارو عمل مذمت جوڳو آهي، جنهن سان علائقائي امن ۽ آبي سلامتي کي خطرن جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. صدر وڌيڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدو خطي ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو ضامن آهي ۽ پاڪستان ان تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿو. هن چيو ته پاڻي جهڙي اهم انساني ضرورت کي سياسي مقصدن لاءِ هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. صدر زرداري ڀارت تي زور ڀريو ته هو معاهدي جي پاسداري ڪري ته جيئن خطي ۾ پاڻي جي ورڇ بابت پيدا ٿيل خدشا ختم ٿي سگهن. صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ هن سال جي موضوع پاڻي ۽ صنف جو ذڪر ڪندي چيو ته صاف پاڻي جي اڻلڀ هجڻ جو سڀ کان وڌيڪ اثر عورتن ۽ نينگرين تي پوي ٿو، جن جو گهڻو وقت پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته صاف پاڻي ۽ نيڪال جي سهولت هر شهري جو بنيادي حق آهي. صدر چيو ته موسمي تبديلين ۽ وڌندڙ آبادي سبب آبي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ان ڪري برساتي پاڻي کي محفوظ بڻائڻ ۽ آبي وسيلن جي انتظام لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻي پوندي. هن عوام تي پڻ زور ڀريو ته هو پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ڪن ته جيئن مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.