فيلڊ مارشل جي شيعا عالمن سان ڳالهين کي غلط رنگ ڏنو ويو:عسڪري ذريعا

اسلام آباد/ڪراچي(عوامي آواز نيوز)گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان جي سوشل ميڊيا تي ڪجهه شيعا علمن جون وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ اهي عاصم منير سان ٿيل هڪ تازي ملاقات دوران ٿيل ڳالهين تي  پنهنجا تنقيدي خيال ظاهر ڪري رهيا آهن۔پاڪستاني فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير جي اهل تشيع مذهب سان تعلق رکندڙ عالمن سان اها ملاقات 18 مارچ (اربع) تي ٿي، جنهن ۾ “قومي سلامتي جي معاملن ۽ سماجي هم آهنگي ۾ علمن جي ڪردار” تي خيال ونڊيا ويا۔ان ملاقات کان پوءِ آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته ان موقعي تي فيلڊ مارشل شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان طرفان علائقائي تڪرار گهٽائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ فعال سفارتڪاري بابت آگاهه ڪيو۔19مارچ تي جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو ته “ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيش آيل واقعن جي بنياد تي پاڪستان ۾ تشدد برداشت نه ڪيو ويندو،فيلڊ مارشل اهو به زور ڏنو ته معاشري ۾ انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ گڏيل اتحاد کي مضبوط ڪرڻ ۾ علمن جو اهم ڪردار آهي، ۽ مذهبي جذبن کي ملڪ ۾ تشدد ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب، ان ملاقات دوران افغانستان خلاف جاري ڪارروائين بابت به ڳالهايو ويو، ۽ فيلڊ زور ڏنو ته پاڪستان پنهنجي عوام خلاف دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال کي برداشت نه ڪندو۔بهرحال، ان ملاقات ۽ بيان کان پوءِ، سوشل ميڊيا تي ان ملاقات ۾ شامل ڪجهه عالمن، جهڙوڪ مولانا سيد حسنين عباس گرديزي ۽ علامه شفا نجفي، جون وڊيوز وائرل ٿيون، جن ۾ هو عاصم منير جي مبينا “سخت لهجي”، آيت الله علي خامنه اي جي موت کان پوءِ گلگت بلتستان ۾ پيش آيل واقعن کي 9 مئي جي واقعن سان ڀيٽڻ، ۽ “ايران جا وفادار پاڪستان ڇڏين” جهڙن مبينا جملن تي تنقيد ڪري رهيا آهن۔پر عسڪري ذريعن انهن دعوائن کي رد ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجن مفادن لاءِ ملاقات جي ڳالهين کي غلط انداز ۾ پيش ڪري رهيا آهن ۽ حقيقتن کي مسخ ڪري رهيا آهن۔ٻئي طرف، ان ملاقات ۾ شامل هڪ عالم، عارف حسين واحدي، ٻڌايو ته “ايران وڃڻ” واري ڳالهه صرف گلگت بلتستان جي واقعن جي تناظر ۾ ڪئي وئي، جنهن کي سوشل ميڊيا تي غلط نموني پيش ڪيو ويو آهي۔ياد رهي ته آيت الله علي خامنه اي جي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملي ۾ موت کان پوءِ ڪراچي، اسڪردو، گلگت ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج ۽ پرتشدد واقعا پيش آيا، جن ۾ 32 ماڻهو مارجي ويا۔گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان شبير مير موجب، مشتعل مظاهرين اسڪردو ۾ فوجي تنصيبات، اقوام متحده جي آفيس، ۽ ٻين عمارتن کي نقصان پهچايو۔ ٽي سيڪيورٽي اهلڪار پڻ مارجي ويا، جنهن کان پوءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو۔بعد ۾ اعلان ڪيو ويو ته فوجي تنصيبات تي حملن ۾ ملوث ماڻهن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ڪيو ويندو۔بي بي سي پاران هن ملاقات ۾ شامل ٽن عالمن سان ڳالهائي صورتحال کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔مولانا حسنين عباس گرديزي چيو ته 23 شيعا علما ۽ دانشور افطار دعوت تي گهرايا ويا هئا، جيڪي اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان آيا هئا۔انهن موجب، فيلڊ مارشل شروعات ۾ ٻڌايو ته سندس آيت الله خامنه اي سان سٺو تعلق هو ۽ هو ٽي ڀيرا ساڻس ملي چڪو هو۔علامه شفا نجفي به اها ڳالهه تصديق ڪئي ۽ چيو ته فيلڊ مارشل چيو ته خامنه اي مون سان پيار ڪندا هو،گرديزي موجب، شروعات ۾ فضا سٺي هئي، پر جڏهن گلگت بلتستان جي واقعن تي ڳالهه شروع ٿي ته لهجو سخت ٿي ويو،هن دعويٰ ڪئي ته فيلڊ مارشل چيو ته جيڪو ايران سان وڌيڪ وفادار آهي، اهو ايران هليو وڃي، اسان سرحد کولينداسين،هن وڌيڪ چيو ته اسان کي لڳو ته ڄڻ اسين ئي ڏوهاري آهيون ۽ اسان جي حب الوطني تي سوال ڪيو ويو.،ٻئي طرف، علامه عارف حسين واحدي وضاحت ڪئي ته اها ڳالهه صرف انهن ماڻهن لاءِ هئي جيڪي گلگت ۾ فوجي تنصيبات تي حملن ۾ ملوث هئا، نه ته سڄي شيعا برادري لاءِ،فيلڊ مارشل پاران عالمن جي ڪنهن قسم جي توهين يا ڌمڪي ڏيڻ واري ڪا به ڳالهه نه هئي، علامه شفا نجفي چيو ته هن فيلڊ مارشل کي روڪي چيو ته اسان سڄي قوم جا نمائندا آهيون، اسان تي الزام نه هنيو وڃي،گرديزي چيو ته کين سوال ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، جڏهن ته عسڪري ذريعن ان کي غلط قرار ڏنو۔علامه واحدي موجب، عالمن کي ڳالهائڻ جو موقعو مليو، جڏهن ته شفا نجفي چيو ته صرف هڪ ڀيرو وچ ۾ ڳالهائڻ جو موقعو مليو۔عسڪري ذريعن جو موقف آهي ته عالمن آزادي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ملاقات اطمينان بخش هئي،عسڪري ذريعن بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي مفادن لاءِ ان ملاقات کي ٽوڙي مروڙي ۽ ڳالهين جي غلط رپورٽنگ ذريعي ڄاڻي واڻي حقيقتون مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،هنن چيو ته متضاد بيانيو گمراهه ڪندڙ معلومات جي ان متوقع سلسلي جو حصو آهي جنهن کي اهڙا عنصر اڳتي وڌائي رهيا آهن جن جي ساک اڳ ۾ ئي مشڪوڪ آهي ۽ جن جو مقصد رڳو ابهام پيدا ڪرڻ آهي،عسڪري ذريعن چيو ته ان ملاقات ۾ عالمن کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو نه ڏيڻ جي دعويٰ به غلط آهي،عالمن توسيع شده ويهڪ ۾ آزاداڻي طور تي حصو ورتو ۽ مڪالمي تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.