اسلام آباد(فرخ وڙائچ)لاهور چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر ۽ ناليواري صنعتڪار ۽ واپاري ميان ابوذر شاد چيو آهي ته پاناما ڪيس ٺهيو ڪجهه به نه ٿيو، علي بابا چاليهه چور واري حالت لڳي پئي آهي،پاڪستان ۾ چاليهه خاندانن جي حڪمراني آهي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته اسان جي فيلڊ مارشل سان ملاقات جو فائدو اهو ٿيو ته گذريل 40 مهينن کان ڊالر مستحڪم آهي. هو به انهن جون ڪرپشنون ڏسي ڏسي ٿڪجي پيو آهي،هن کي جيڪڏهن اها خبر آهي ته ملڪ وٽ 170 ايٽمي هٿيار آهن ته هن کي اها خبر نه هوندي ته حڪمران ڪهڙا آهن؟ ملڪ ۾ اڻي هڪ قسم جي “سمجهوتي واري حڪومت” هلي رهي آهي،هن چيو ته مان ته چوان ٿو ته عمران خان کي حڪومت ۾ واپس نه آڻڻ گهرجي، انهن کي چوڻ گهرجي ته توهان شوق پورو ڪريو، جيڪڏهن جنگ يا بحران وڌي ٿو ته حڪومت کي به سنڀالڻ مشڪل ٿي ويندو،ميان صاحب توهان کي لنڊن ۾ ملندو، هن چيو ته جيڪڏهن جنگ وڌي ٿي ته پيٽرول جون قيمتون 400 رپيا في ليٽر تائين وڃي سگهن ٿيون عوام اڳ ئي مهانگائي ۽ غربت ۾ پريشان آهي ماڻهن وٽ هڪ وقت جي ماني لاءِ به پيسا ناهن ،هن چيو ته ملڪ ۾ 11 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن حڪومت جا مهانگا منصوبا (جهڙوڪ جهاز، سرڪاري خرچ وغيره) عوام تي بار بڻجي رهيا آهن،پي آءِ اي توهان 10 ارب رپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏي ۽ 12 ارب رپين جو پنجاب ۾ جهاز خريد ڪري آيا آهن،پائلٽ جي پگهار تقريباً 32,000 ڊالر،چيف پائلٽ جي پگهار 38,000 ڊالر مجموعي عملي جا خرچ، رهائش، هوٽل وغيره ملايو ته هڪ مهيني جو خرچ لڳ ڀڳ 1 لک ڊالر بڻجي ٿو،ٽي ڪروڙ جهاز جي سار سنڀال ۽ ٻارڻ جا خرچ ٿيندا،ڇا اهڙن خرچن جو فائدو عام عوام کي ملي ٿو؟ هن چيو ته منهنجو معصوماڻو سوال آهي ته ان جهاز تي چڙهي عمرو ڪرڻ جو ثواب 25 ڪروڙ عوام کي ٿيندو يا خالي جهاز ۾ سوار ماڻهن کي ٿيندو؟هن چيو ته ملڪ ۾ انصاف جو نظام ڪمزور آهي غريبن سان ناانصافي ٿئي ٿي طاقتور طبقو پنهنجي فائدي لاءِ نظام استعمال ڪري ٿو ،هن چيو ته پاڪستان ۾ نوان صوبا ضرور ٺهندا، ڇاڪاڻ ته وڏن انتظامي يونٽن کي سنڀالڻ مشڪل آهي،نون صوبن جي مخالفت ڪندڙ پ پ ۽ ن ليگ ڇا پاڪستان جي رجسٽري ڪرائي رکي آهي؟ هن چيو ته 5 جولاءِ 1977 تي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ،ان وقت پ پ جو نالو وٺڻ وارو ڪير به نه هو، جڏهن ٻوڏ ايندي آهي ته وڏيرن،چوڌرين جا گهر نه بچندا آهن،حڪمران الله جي لٺ کان بچن،لاهور جي ٽي ڪروڙ عوام تي هڪ ڊي سي ويٺل آهي،اها شرم جي ڳالهه ناهي؟جنهن ملڪ جو اي سي 7 ڪروڙ واري گاڏي ۾ ريڙهي واري کان پڇي ته ٽماٽا گهڻي ۾ وڪڻين ٿو؟ان جو عقل ته ننڍو ئي هوندو،غريبن جي مدد ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته مون فيلڊ مارشل کي چيو هو ته جيڪي ملڪ ۾ 50 هزار وڏا ماڻهو ٻٽي شهريت رکن ٿا انهن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو،چين انهن سرڪاري ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو آهي جن جا ٻار ٻاهرين ملڪ پڙهي رهيا آهن،مان چوان ٿو ته توهان کي تباهي جي ضرورت ناهي،توهان جا ڪامورا ۽ سياستدان ئي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندا،18-18 گاڏين جي قافلن ۾ سفر ڪن ٿا،ملڪ ۾ انصاف جو نظام ئي ناهي،هن چيو ته دنيا ۾ اقتصادي مقابلو ۽ معاشي جنگ اصل جنگ بڻجي چڪي آهي آمريڪا، انڊيا وغيره پنهنجي صنعتي ۽ تيل جي پاليسين کي مضبوط ڪري رهيا آهن آمريڪا ۾ وڏيون ريفائنريون لڳي رهيون آهن ان جو مقصد توانائي ۾ خودڪفالت حاصل ڪرڻ آهي هن چيو ته پاڪستان تي روس، ايران وغيره کان تيل وٺڻ ۾ پابنديون آهن ،هن چيو ته آمريڪا ۾ ڀارت جي ريلائنس گروپ سان دنيا جي سڀ کان وڏي تيل ريفائنري لڳي رهي آهي،ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ اسان نامزد ڪري رهيا آهيون ۽ فائدا انڊيا ماڻي رهيو آهي،هن چيو ته آمريڪا پنهنجو تيل (شيل آئل) ۽ ٻين ذريعن سان خودڪفيل ٿيڻ جي ويجهو آهي،هن چيو ته پاڪستانين جا سوئٽزرلينڊ،برطانيا،دبئي ۾ پئسا پيل آهن،شرم جي ڳالهه آهي ته 2025ع ۾ 10 هزار پاڪستانين جون دبئي ۾ ڪمپينون رجسٽرڊ ٿيون،گهٽ ۾ گهٽ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي