ايران خلاف عسڪري ڪارروائي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نيون نيون سياسي مشڪلاتون پيدا ڪري رهي آهي. هو پنهنجي پريشاني ۽ گهٻراهٽ کي بيانن ۽ ايران خلاف سخت ڪارروائين جي ڌمڪين سان لڪائڻ جي ڪوشش ضرور ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ هاڻي آمريڪا وٽ هن جنگ مان نڪرڻ جا رستا لڳ ڀڳ بند ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف ايران جو چوڻ آهي ته سندس خلاف جنگ مڪمل طور ختم ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ ڪڏهن به ايران تي حملو نه ڪرڻ جي پڪ کانسواءِ جنگ بند نٿي ٿي سگهي. اهڙي حالت ۾ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ايران وٽ ڪيتري عرصي تائين ميزائل حملا جاري رکڻ ۽ هرمز جي آبنائي بند رکڻ جي صلاحيت موجود رهندي. هاڻي واضح ٿي رهيو آهي ته هن سامونڊي رستي تي ايران جو مڪمل ڪنٽرول آمريڪي اختيار ۽ بالادستي لاءِ حقيقي چئلينج بڻجي چڪو آهي. جيتوڻيڪ آمريڪي فوجن اڄ اهو اعلان ڪيو آهي ته ايران تي لڳاتار حملن سبب آبنائي هرمز بند رکڻ جي ايراني صلاحيت گهٽجي وئي آهي، پر اهڙيون دعوائون ان وقت تائين اهميت نٿيون رکن، جيستائين آبنائي هرمز مان سڀ مال بردار جهاز ۽ تيل کڻندڙ ٽينڪر آزادي سان گذرڻ جي قابل نه ٿين.
هينئر تائين ملندڙ اطلاعن موجب ايران پنهنجي ان اعلان کي سچ ڪري ڏيکاريو آهي ته هو هن سامونڊي رستي کي ان وقت تائين بند رکندو، جيستائين سندس خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت بند نه ٿيندي. هن ايراني حڪمت عملي جو اصل مقصد تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي هٿي ڏيڻ ۽ آمريڪا کي معاشي بحران جي ڄار ۾ ڦاسائڻ آهي. آمريڪا هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ايراني تيل جي برآمدن تي لڳايل پابندي عارضي طور ختم ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته تيل جي مارڪيٽن هن اعلان کي ڪا خاص اهميت نه ڏني آهي ۽ تيل جي قيمتن ۾ ڪا نمايان گهٽتائي به نظر نه آئي آهي.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هڪ هفتي دوران آبنائي هرمز کولرائڻ يا ٻين لفظن ۾ ايران کان ان جو ڪنٽرول واپس وٺڻ لاءِ پنهنجي عالمي اتحادي ملڪن کان مدد گهري هئي، پر ڪنهن به ملڪ هن دعوت کي قبول نه ڪيو. آمريڪا جي ويجهي اتحادي برطانيا به صاف لفظن ۾ چئي ڇڏيو ته هي جنگ آمريڪا شروع ڪئي هئي، تنهنڪري اهو فيصلو به آمريڪا کي ئي ڪرڻو پوندو ته ان کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي. برطانيا هن ۾ شريڪ نه ٿيندو. يورپي يونين به هن دعوت کي قبول ڪرڻ کان معذرت ڪئي.
انهيءَ صورتحال ۾ آمريڪا گذريل ڏينهن نيٽو ۾ پنهنجي اتحادي ملڪن کي بزدل قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي ته هي دفاعي تنظيم اصل ۾ آمريڪا جي طاقت سبب قائم آهي ۽ يورپ ته پنهنجي مفادن جي حفاظت ڪرڻ جي به صلاحيت نٿو رکي. ٽرمپ اهو به چيو آهي ته آبنائي هرمز کولڻ لاءِ صرف آمريڪي بحري فوج ئي ڪافي آهي ۽ کيس ڪنهن مدد جي ضرورت ناهي، پر عملي طور اها دعويٰ درست نظر نٿي اچي يا گهٽ ۾ گهٽ آمريڪا اڃا تائين ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي.
سخت آمريڪي دٻاءَ ۽ زور ڀرڻ تي گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزارت 22 ملڪن جي طرفان هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ آبنائي هرمز کي سامونڊي سفر لاءِ کليل رکڻ جو مطالبو ڪندي غير فوجي جهازن تي حملن جي مذمت ڪئي وئي آهي. اهو بيان گڏيل عرب امارات ۽ بحرين سميت ڪيترن يورپي ملڪن، جاپان ۽ آسٽريليا جي طرفان جاري ڪيو ويو آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته: اسان آبنائي هرمز مان محفوظ گذرگاهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب ڪوششن ۾ پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ تيار آهيون. اسان انهن ملڪن جي عزم جو آجيان ڪريون ٿا جيڪي هن مقصد لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن. اسان تيل ۽ گئس جي تنصيبات سان گڏ شهري ڍانچي تي حملن کي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. البته هن آمادگي جي وضاحت واضح ناهي، ڇو ته بيان تي صحيح ڪندڙ گهڻا ملڪ اڳ ئي آبنائي هرمز جي حفاظت لاءِ ڪنهن به عسڪري مدد ڏيڻ کان معذرت ظاهر ڪري چڪا آهن. تنهنڪري بظاهر هي بيان صرف آمريڪا جي اخلاقي مدد کان وڌيڪ ڪا حيثيت نٿو رکي.
ان دوران ماهر هن جنگ بابت بحث ڪري رهيا آهن ته آمريڪا بغير ڪنهن شڪست يا ذلت جي هن جنگ کي ڪيئن ختم ڪري سگهي ٿو. صدر ٽرمپ جي روزاني بنيادن تي بدلجندڙ موقفن ۽ دعوائن کي ڏسندي گهڻا ماڻهو متفق آهن ته ٽرمپ ڪنهن به وقت پنهنجي فتح جو اعلان ڪري جنگ مان دستبردار ٿي سگهن ٿا. پر اهڙي صورت ۾ وڌيڪ جنگ جو خطرو برقرار رهندو، ۽ ايران کان اها اميد به نٿي رکي سگهجي ته هو هڪ طرفي طور تي وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفادن يا اثاثن کي نشانو بڻائڻ بند ڪري ڇڏيندو. اهڙي حالت ۾ ايران کي اهو خدشو رهندو ته بغير ڪنهن معاهدي جي ختم ٿيندڙ جنگ مستقبل ۾ ڪنهن نئين حملي جو رستو هموار ڪري سگهي ٿي. ايراني حڪومت هاڻي اهڙو خطرو کڻڻ لاءِ تيار ناهي. اهو به ممڪن آهي ته آمريڪا سڌي جنگ مان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏي ۽ اسرائيل ايران تي حملا جاري رکي. پر اهڙي طريقي سان به وچ اوڀر جو معاشي ۽ سياسي بحران وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿو، جيڪو سڌي طرح آمريڪي مفادن تي اثرانداز ٿيندو.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا هن جنگ مان ڪاميابي سان ٻاهر نڪرڻ چاهي ٿو ته کيس ٽي هدف حاصل ڪرڻا پوندا: پهريون: هرمز جي آبنائي ۾ سامونڊي آمدورفت ٻيهر بحال ٿئي. ٻيو: تهران ۾ موجوده حڪومتي نظام ختم ٿئي ۽ متبادل حڪومتي بندوبست قائم ڪيو وڃي. ٽيون: ايران وٽ موجود سٺ سيڪڙو تائين افزوده يورينيم کي ڳولي ان تي قبضو ڪيو وڃي. بين الاقوامي جوهري توانائي ايجنسي جو خيال آهي ته ايران وٽ لڳ ڀڳ چار سؤ ڪلو سٺ سيڪڙو افزده يورينيم موجود آهي، جيڪو ڪنهن زيرزمين محفوظ هنڌ تي لڪايو ويو آهي. آمريڪا اڃا تائين ان هنڌ کي ڳولڻ ۽ تباهه ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن يورينيم تي قبضو ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي زميني فوجي ڪارروائي ڪرڻي پوندي، جيڪا موجوده حالتن ۾ تقريبن خودڪشي جي برابر هوندي.
ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن آمريڪا موجوده ايراني حڪومت جي موجودگي ۾ ئي جنگ ختم ڪري ڇڏي ٿو ته ايران مختصر عرصي ۾ جوهري هٿيار ٺاهي سگهي ٿو. جوهري هٿيار ٺاهڻ لاءِ يورينيم کي نوي سيڪڙو تائين افزوده ڪرڻو پوندو آهي. ايران هڪ يا ٻن سالن اندر موجوده يورينيم کي ان سطح تائين پهچائي سگهي ٿو، جيڪو لڳ ڀڳ يارنهن جوهري هٿيار ٺاهڻ لاءِ ڪافي هوندو. ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته جيڪڏهن آمريڪا اهي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿو ته هي مهانگي جنگي ڪوشش بيڪار ثابت ٿيندي ۽ زخمي ايراني حڪومت آمريڪا ۽ خطي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ بڻجي سگهي ٿي. تنهن هوندي به هن عملي تجزيي ۾ سفارتي ڪوششن جو حوالو موجود ناهي.
جيڪڏهن آمريڪا هاڻي به سفارتي دانائي سان ڪم وٺي ۽ ايران سان ڳالهين جي ڪوشش ڪري ته کيس ڪيترن عرب ملڪن سان گڏ پاڪستان ۽ ترڪيه جو سهڪار به حاصل ٿي سگهي ٿو. پر ڪنهن به سفارتي حل ۾ هاڻي آمريڪا صرف پنهنجا شرط مڃرائڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندو، بلڪه کيس ايران جون ڪجهه گهرجون به قبول ڪرڻيون پونديون. دنيا کي وڏي تباهي ۽ عالمي معاشي بحران کان بچائڻ لاءِ اهڙو ڪو به معاهدو سڀني لاءِ ڪاميابي جو رستو هموار ڪري سگهي ٿو.