جڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد به خليجي ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي حملن کي روڪي نه سگهي ته پوءِ خليجي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ڇا ڪري سگهندي؟ پهرين عالمي جنگ کان پوءِ جرمني، فرانس ۽ برطانوي نوآبادين کي سنڀال ڏيڻ لاءِ ٺهندڙ قومن جي جماعت بابت ولاديمير لينن چيو هو ته: اهڙي قسم جا ادارا سرمائيداري جي انتهائي دور ۾ ٿورين طاقتور قوتن جي هٿان دنيا جي اربين ماڻهن جي ڦرلٽ لاءِ قائم ڪيا ويندا آهن، ۽ انهن ادارن ذريعي سامراجي ملڪ پنهنجين نوآبادين کي ورهائڻ لاءِ سرمائيداراڻي ڳٺ جوڙ ڪندا آهن.
لينن جي هن تجزيي جي پسمنظر ۾ طاقتور سرمائيدار خليجي ملڪن سان گڏ ترڪيه ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس سعودي عرب جي شهر رياض ۾ ٿي چڪو آهي ۽ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ وزيرن جو گڏيل بيان به عوام اڳيان اچي چڪو آهي. هن بيان ۾ بار بار ملڪن جي دفاع ۽ گڏيل قومن جي منشور جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته ايران طرفان خليج جي مختلف ملڪن تي حملا ۽ ميزائل ڪارروايون دراصل انهن ملڪن کي پنهنجي دفاع تي مجبور ڪرڻ وارو قدم آهي ۽ سڀ خليجي ملڪ پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکن ٿا ۽ ايران جي حملن جي مذمت ڪن ٿا.
ٻئي پاسي ايران جو واضع موقف سامهون آيو آهي ته ايران تي جنگ آمريڪا ۽ اسرائيل مسلط ڪئي آهي. ايران جو چوڻ آهي ته خليجي ملڪن پنهنجا فوجي اڏا آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، جتان آمريڪا ايران جي شهرن ۽ دفاعي مرڪزن تي حملا ڪري رهيو آهي، جن ۾ ايران جي توانائي جي ذريعن تي بمباري به شامل آهي. تنهن ڪري ايران واضع ڪيو آهي ته هو صرف انهن فوجي اڏن کي نشانو بڻائي رهيو آهي جتان ايران تي حملا ڪيا پيا وڃن، ٻي صورت ۾ ايران هينئر تائين ڪنهن به خليجي ملڪ کي سڌي طرح نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندو.
خليجي ملڪن جي اعلاميي ۽ آمريڪا جي هرمز جي آبنائي کولرائڻ ۾ ناڪامي جي روشني ۾ اهو سوال ڪيئن رد ڪري سگهجي ٿو ته ايران سان جنگ کان پوءِ دنيا جي نظرين ۾ تبديلي ڇو نه اچي؟ جيئن ٻي عالمي جنگ کان پوءِ طاقت جي سياست جو رخ بدلجي ويو هو ۽ دنيا جي حڪمراني برطانيا کان آمريڪا ڏانهن منتقل ٿي وئي هئي، ته ڇا هاڻي به اهڙو امڪان پيدا ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا، اسرائيل ۽ خليج ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏا مستقبل ۾ ساڳي اثرائتي طاقت برقرار رکي سگهندا؟ ڇو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته دنيا ۾ طاقت هميشه بدلجندي رهي آهي ۽ طاقت جي تبديلي سان گڏ دنيا نئين نظام ڏانهن وڌندي رهي آهي.
ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير دعويٰ ڪئي ته هڪ حملي ۾ ايران جي سڀ کان اهم دفاعي شخصيت علي لاريجاني شهيد ٿي ويو آهي. شروعاتي قياس آرائين کان پوءِ آخرڪار ايران جي سرڪاري ذريعن به لاريجاني جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي ۽ ايران جي سلامتي ڪميشن جو طاقتور اڳواڻ سمجهيو ويندڙ علي لاريجاني کي جنازي نماز کان پوءِ دفنايو به ويو. ايران جي سپريم اڳواڻ علي خامنه اي کان پوءِ دفاعي معاملن جو ماهر سمجهيو ويندڙ علي لاريجاني جي شهادت تي جتي ايران جي جاسوسي نظام بابت سوال اٿاريا پيا وڃن، اتي ان کي ايران لاءِ وڏو نقصان به قرار ڏنو پيو وڃي. ساڳي وقت علي لاريجاني جي موت کان اڳ سماجي ذريعن تي هڪ بيان گهڻو ڦهلايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته آمريڪا لاريجاني سميت ڪجهه شخصيتن جي قتل تي ڏهه لک ڊالر جو انعام رکيو هو. ان حوالي سان لاريجاني جو بيان سامهون آيو هو ته: ”مان موت کي ڪنهن بزدل اڳيان جهڪڻ کان وڌيڪ پسند ڪندس“.
هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا علي لاريجاني جي شهادت کان پوءِ ايران جا ميزائل ۽ بي پائلٽ جهازن جا حملا بند ٿي ويا يا انهن ۾ ڪا گهٽتائي آئي؟ ان سوال جو جائزو وٺڻ کان اڳ اهو ڏسڻ ضروري آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد هٿيارن سان ليس آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي جنگ مسلط ڪرڻ کان پوءِ پنهنجا بنيادي هدف حاصل ڪري سگهيا آهن يا نه. انهن هدفن ۾ ايران جي حڪومت بدلائڻ يا پنهنجي مرضي جي حڪومت قائم ڪرڻ شامل هو، جنهن جي اميد آمريڪا ۽ اسرائيل خليجي ملڪن کي به ڏني هئي. هينئر تائين هن سوال جو جواب نٿو ملي ته پوءِ اهو سوال به ٿو پيدا ٿئي ته ڇا آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي جنگ مسلط ڪرڻ کان اڳ ايران جي مزاحمت جي امڪانن تي غور نه ڪيو هو، يا انهن ملڪن ايران جي مزاحمتي صلاحيت جو صحيح اندازو نه لڳايو؟
ٽِن هفتن کان جاري جنگ کي ڏسندي عالمي تجزيي نگار اهو امڪان رد نٿا ڪن ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي مزاحمت کي صحيح نموني سمجهي نه سگهيا هئا. اهو اڄ جي دنيا جو اهم سوال بڻجي ويو آهي ته ايران جي مزاحمت جو صحيح اندازو ڇو نه لڳايو ويو. هن معاملي جو سرسري جائزو وٺڻ سان اهو نظر اچي ٿو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي ان دفاعي نظام تائين پهچي نه سگهيا، جيڪو ايران پنهنجي مذهبي انقلاب جي حفاظت لاءِ ٺاهيو هو. مثال طور ايران جي ڪميونسٽ سوچ واري توده پارٽي سان لاڳاپيل جنگجو تنظيم مجاهدين خلق ايران جي بادشاهه رضا پهلوي جي آمريت خلاف وڙهي هئي. هن تنظيم شاهه جي ظلم ۽ عوامي آزادي خلاف مزاحمت ڪئي، پر انقلاب کان پوءِ اهو ئي گروهه مذهبي انقلاب جي حمايت ڪندڙ ڌڙن سان ملي ويو. نتيجي ۾ توده پارٽي جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جلاوطن ڪيا ويا يا انقلاب جي نالي تي ختم ڪيا ويا.جڏهن ترقي پسند سوچ ڪمزور ٿي وئي ته خميني انقلاب پاسدارانِ انقلاب کي انقلاب جي حفاظت لاءِ سڀ کان طاقتور قوت بڻايو. هن نظام هيٺ مذهبي اڳواڻن لاءِ پاسداران انقلاب جي فوجي تربيت حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏني وئي. اڄ به ايران ۾ اعليٰ عهدن تي اهو ئي مذهبي اڳواڻ پهچي سگهي ٿو جيڪو پاسداران انقلاب جو تربيت يافته هجي. هن نظام ۾ ملڪ جي روايتي فوج بدران پاسداران انقلاب سڌو سنئون ملڪ جي مذهبي اڳواڻ کي جوابده رهي آهي. ان سان گڏ انهن گروهن کي مقامي سطح تي عوام سان ويجها لاڳاپا رکڻ ۽ سماج جي سوچ کان واقف رهڻ جي ذميواري به ڏني وئي.
انهيءَ ڪري موجوده جنگ ۾ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ايران جي روايتي فوج کان وڌيڪ اثرائتي قوت پاسداران انقلاب رهي آهي، جنهن جو بنيادي مقصد انقلاب جي حفاظت ۽ جنگي حڪمت عملي تيار ڪرڻ رهيو آهي. انهن جي تنظيم کي صوبن ۽ ضلعن تائين وڌايو ويو ته جيئن مقامي سطح تي به دفاعي بندوبست ڪري سگهجي. آمريڪا ۽ اسرائيل شايد اهو سمجهي ويٺا هئا ته ايران جو عوام اندروني دٻاءَ سبب حڪومت جي تبديلي چاهيندو، پر انهن پاسداران انقلاب جي طاقت ۽ تنظيم کي صحيح نموني نه سمجهيو. ان جنگ دوران روس ۽ چين جي خاموش فني مدد کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڪجهه رپورٽن موجب جديد جنگي جهازن جي تباهي ۽ خليج ۾ اهم گئس منصوبن تي حملا به هن تڪرار جو حصو بڻيا آهن. ساڳي وقت هرمز جي آبنائي تي ڪنٽرول اڃا تائين ايران وٽ آهي ۽ آمريڪي درخواستن باوجود ڪيترائي اتحادي ملڪ هن جنگ ۾ سڌي ريت شامل ٿيڻ لاءِ تيار ناهن. جنگ جي شدت وڌڻ سان اهو امڪان به رد نٿو ڪري سگهجي ته ايران ۽ ان جا ساٿي هن جنگ کي روايتي جنگ بدران گوريلا جنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏين. جيڪڏهن اهڙو ٿيو ته تڪرار جو دائرو گهڻو وڌي سگهي ٿو ۽ پوءِ شايد ان کي سنڀالڻ آمريڪا، اسرائيل يا يورپ جي وس کان ٻاهر ٿي وڃي.