ڪنڌرا: ڌاريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان 4 سڳا ڀائر قتل، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل

ڪنڌرا (ويب ڊيسڪ) ڪنڌرا ۾ ڌاريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ 4 سڳا ڀائر مارجي ويا.
اهو افسوسناڪ واقعو ڪنڌرا جي علائقي انور پور ۾ پيش آيو، جتي هڪ ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري 4 ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پنجون زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب جوابدار ۽ مقتول پاڻ ۾ ويجها مائٽ آهن، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.
پوليس چئني لاشن کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته زخمي کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
مارجي ويلن ۾ غلام اصغر، مهدي حسن، غلام اڪبر ۽ اختر حسين شامل آهن.
هڪ ئي وقت 4 جنازا کڄڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.