تهران/واشنگٽن/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ تڪرار خطي کي انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال ڏانهن وٺي ويو آهي. ايراني قيادت دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوجي طاقت جي علامت سمجهيو ويندڙ ايف-35 جهاز کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته پاسدارانِ انقلاب طرفان برگيڊيئر جنرل علي محمد نائيني جي شهادت جي به تصديق ڪئي وئي آهي، آمريڪا پنهنجي فوجي موجودگي وڌائيندي سامونڊي ٻيڙا وچ اوڀر ڏانهن روانا ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اسرائيل طرفان فلسطنين کي مسجد اقصيٰ ۾ عيد نماز ادا ڪرڻ کان روڪي ويو.
اسان آمريڪي فوجي طاقت ۽ تڪبر جي علامت ايف 35 کي نشانو بڻايو: ايراني پارليامينٽ اسپيڪر
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته ايف 35 جهاز آمريڪي فوجي طاقت ۽ تڪبر جي علامت هو جنهن کي نشانو بڻايو ويو.
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته ”ايف-35 کي اهڙي علامت طور پيش ڪيو ويندو هو جيڪو هر اک کان لِڪل ۽ هر طاقت کان مٿانهون آهي، پر الله جي قدرت ان کان به مٿانهين آهي.“
محمد باقر قاليباف چيو ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو ان علامت کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ اهو هڪ نظام جو زوال آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اها خبر سامهون آئي هئي ته ايراني ڊفينس سسٽم هڪ آمريڪي ايف 35 جهاز کي نشانو بڻايو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب، هڪ ايف 35 اسٽيليٿ جهاز کي مبينا طور نشانو بڻائڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ قائم آمريڪي فضائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي.
پاسداران انقلاب جو ترجمان برگيڊيئر جنرل علي محمد نائيني شهيد
تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب گارڊز بريگيڊيئر جنرل علي محمد نائيني جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي.
پاسدارانِ انقلاب گارڊز جو چوڻ آهي ته بريگيڊيئر جنرل علي محمد نائيني آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي.
ٽي آمريڪي سامونڊي ٻيرا وچ اوڀر لاءِ روانا
ايران سان جنگ سبب آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجي انگ ۾ وڌائي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪا جا گهٽ ۾ گهٽ 3 سامونڊي ٻيرا سين ڊيگو کان روانا ٿي ويا آهن.
اسرائيلي ميڊيا موجب، يو ايس ايس پورٽ لينڊ، يو ايس ايس ڪام اسٽاڪ، يو ايس ايس باڪسر جو رخ وچ اوڀر ڏانهن آهي.
ٻئي پاسي آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي ريپڊ ريسپانس فورس جي مقرريءَ سان ايران تي زميني حملي جا افواهه زور پڪڙي رهيا آهن، پر آمريڪي شهرين جي اڪثريت ايران تي زميني حملي جي مخالفت ڪئي آهي.
اسرائيل فلسطينيين کي مسجد اقصيٰ ۾ عيد نماز پڙهڻ کان روڪي ڇڏيو
ميڊيا رپورٽن موجب، 1967 کانپوءِ پهريون ڀيرو رمضان جي پڄاڻي تي مسجد اقصيٰ کي مڪمل طور بند رکيو ويو ۽ فلسطينيين کي نماز ادا ڪرڻ کان روڪيو ويو.
رپورٽ موجب، اسرائيلي پوليس مسجد جي داخلي رستن تي رنڊڪون کڙيون ڪيون ويون ۽ نمازين کي اندر وڃڻ کان روڪيو، جنهن سبب سوين فلسطينيين کي پراڻي شهر کان ٻاهر عيد نماز ادا ڪرڻي پئي.
اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو قدم ايران سان تڪرار ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب کنيو ويو، جڏهن ته فلسطينيين کي خدشو آهي ته اهو هڪ خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿو جنهن سان مستقبل ۾ به اهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهن ٿيون.
ميزائلن جي تياري جو عمل جاري آهي: پاسدارانِ انقلاب
ايراني پاسدارانِ انقلاب گارڊ جو چوڻ آهي ته ميزائلن جي تياري جو عمل جاري آهي ۽ ذخيرن ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ ناهي.
شيهد علي لاريجاني ڳالهين جي ميز تي معاملا طئي ڪري سگهي پيو: اڳوڻو آءِ اي اي اي سربراهه
بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي اڳوڻي سربراهه محمد البرادعي چيو آهي ته ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني سان ڳالهين جي ميز تي ويهي معاملا طئي ڪري سگهجن پيا.
پنهنجي بيان ۾ محمد البرادعي شهيد علي لاريجاني جي واکاڻ ڪندي چيو ته گهٽ ماڻهو ڄاڻن ٿا ته علي لاريجاني جرمن فلسفي عمانويل ڪانٽ تي چار ڪتاب لکيا هئا، هو هڪ فلسفي ۽ اهڙو ڳالهين ڪندڙ هو جنهن سان ميز تي ويهي معاملا طئي ڪري سگهجن پيا.
ڪويت جي مناءَ الاحمدي آئل ريفائنري ۾ ڊرون حملن کانپوءِ باهه لڳي وئي
ڪويتي ميڊيا موجب، مناءَ الاحمدي آئل ريفائنري تي ڪيترائي ڊرون حملا ٿيا جنهن سبب ريفائنري جي ڪجهه حصن ۾ باهه لڳي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ريفائنري جا ڪيترائي يونٽ عارضي طور بند ڪيا ويا، جڏهن ته ڊرون حملن ۾ شروعاتي طور ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي مليو.
ايران خلاف جنگ ۾ هينئر تائين آمريڪا جا 16 جنگي جهاز تباهه ٿي چڪا: بلوم برگ جو انڪشاف
بلوم برگ موجب، ايران خلاف جنگ ۾ تباهه ٿيل جهازن ۾ 10 ريپر اسٽرائڪ ڊرون جهاز پڻ شامل آهن، جڏهن ته 6 آمريڪي جنگي جهازن کي سخت نقصان پهتو آهي، جيڪي تباهه ٿيل 16 جهازن کان علاوه آهن.
بلوم برگ رپورٽ، موجب تباهه ٿيل جهازن ۾ 3 آمريڪي جنگي جهاز ڪويت جي فضائن ۾ تباهه ٿيا جن بابت دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اهي فرينڊلي فائر جو شڪار ٿيا.
بلوم برگ جي رپورٽ موجب، هڪ ڪي سي 135 ٽينڪر جهاز ريفيولنگ آپريشن دوران تباهه ٿيو ۽ ان جي عملي جا 6 ئي ميمبر مارجي ويا.
وڌيڪ 5 ڪي سي 135 ريفيولنگ جهاز سعودي عرب جي هڪ هوائي اڏي تي ايراني ميزائل جو نشانو بڻيا جنهن سبب انهن کي سخت نقصان پهتو.
بلوم برگ موجب، ايران آمريڪا جي بنا عملي وارن ريپر ڊرون جهازن مان هينئر تائين 9 ڊرون جهاز تباهه ڪيا آهن، جن مان هڪ کي اردن ۾ بيلسٽڪ ميزائل سان نشانو بڻايو ويو.
وچ اوڀر ۾ آئل ۽ گيس ٿاڪن تي حملا، دنيا ۾ ڪچي تيل ۽ گئس جا اگهه وڌي ويا
وچ اوڀر ۾ آئل ۽ گيس ٿاڪن تي حملن کانپوءِ دنيا ۾ ڪچي تيل ۽ گيس جون قيمتون وڌي ويون آهن.
برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 119 ڊالر في بيرل تائين وڃي پوءِ گهٽجي 106 ڊالر في بيرل تي اچي وئي.
ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت 93 ڊالر کان وڌيڪ ٿي وئي، ان کانسواءِ يورپ ۽ برطانيا ۾ گيس جا اگهه پڻ وڌي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، برطانيا ۾ گيس جي قيمتن ۾ 35 سيڪڙو تائين واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ايران جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ يورپ ۾ گيس جون قيمتون لڳ ڀڳ ٻيڻيون ٿي ويون آهن.
آمريڪا يو اي اي کي پيٽريئٽ ميزائل سميت 7 ارب ڊالر جا هٿيار وڪرو ڪندو: رپورٽ
آمريڪي اخبار موجب، ٽرمپ انتظاميا يو اي اي کي هٿيارن جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب، منظوري ڏنل هٿيارن ۾ لڳ ڀڳ 5.6 ارب ڊالر جا پيٽريئٽ ميزائل ۽ 1.3 ارب ڊالر جا جديد جنگي هيلي ڪاپٽر شامل آهن.
آمريڪا اڳ ئي 3 نار وارن ملڪن کي 16.5 ارب ڊالر جا هٿيار وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.