فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قوم جو هر فرد پيٽرول ۽ گيس جو استعمال اڌ ڪري ڇڏي، قوم 50 سيڪڙو استعمال گهٽ نه ڪندي ته عالمي سطح تي اگهه وڌڻ جا اثر پوندا.
عيد نماز کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ وارن خلاف ڪيس اسان نه ٺاهيا، عدالتن فيصلا ڪيا ۽ سزائون ڏنيون، ڪنهن بي ڏوهه کي سزا ناهي ٿي، ملڪ جي دفاع جي ضامن اداري خلاف 9 مئي تي سازش ٿي، پي ٽي آءِ باني خلاف توشا خانا ۽ ٻيا ڪيس واضح آهن.
هن چيو ته عوام احتجاج جو سڏ ڏيندڙن کي رد ڪري رهيو آهي، اسان جي سياسي رواداري ۽ سياسي عمل کي هلائڻ جي پاليسي کي عوام ۾ موٽ ملي رهي آهي، اهي ڊيل ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر سياسي عمل هلائڻ لاءِ تيار ناهن، ڊيل جي ڪا گنجائش ناهي ته انهن کي ٻيهر موقعو ڏنو وڃي.
You might also like