اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه اڃا وڌي سگهن ٿا، اسان سڀني کي گڏجي بچت جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻي پوندي.
عطاءُ الله تارڙ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي.
هنن چيو ته خطي ۾ هن وقت ڇڪتاڻ آهي، وزيراعظم پنهنجي سموري ٽيم کي گڏ ڪري بچت پاليسي اختيار ڪئي، وزيراعظم عيد جي خوشين کي نظر ۾ رکندي اگهه برقرار رکيا، حڪومت ۽ عوام ٻنهي کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
سندن چوڻ هو ته حڪومت ڪمزور طبقي جو سهارو بڻجڻ چاهي ٿي، عالمي مارڪيٽ جي حساب سان تيل اگهه مقرر ڪيا ويندا آهن، اسان کي هر حال ۾ بچت ممڪن بڻائڻي آهي.
You might also like