ابو ظهبي ۾ ايران حملن جون وڊيوز شيئر ڪرڻ تي 109 ڄڻا گرفتار

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي تخت گاهه ابو ظهبي ۾ ايران حملن جون وڊيوز شيئر ڪرڻ تي 109 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
اماراتي اختيارين سوشل ميڊيا جي غلط استعمال تي زيرو ٽالرنس پاليسي جو اعلان ڪيو آهي، ابو ظهبي پوليس موجب ڪوڙي ڄاڻ سان عوام ۾ خوف پکڙيو.
ميڊيا رپورٽن موجب جوابدارن ايئر ڊفينس سسٽم جون وڊيوز شيئر ڪيون، ڪجهه ماڻهن آرٽيفيشل انٽيليجنس سان جعلي ڌماڪن جون وڊيوز ٺاهيون.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اماراتي حڪومت جعلي وڊيوز کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو.
سوشل ميڊيا تي جعلي وڊيو شيئر ڪرڻ تي هڪ سال قيد ۽ ڳري ڏنڊ جي سزا ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.