هو جمالو“ جي گونج، مارنوس لبوشين جو حيدرآباد واسين لاءِ انوکو پيغام جاري

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ڪنگزمين جي ڪپتان مارنوس لبوشين چيو آهي ته هو پي ايس ايل جي يارهين ايڊيشن۾ حيدرآباد ٽيم جي قيادت ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو پرجوش آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ مارنوس لبوشين حيدرآباد ٽيم جي قيادت ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته پي ايس ايل سيزن 11 ۾ حيدرآباد ٽيم جي قيادت ڪرڻ لاءِ هو پرجوش آهي ۽ ٽيم سان شامل ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي.
مارنوس لبوشين وڌيڪ چيو ته حيدرآباد جا مداح اچن ۽ ٽيم کي سپورٽ ڪن ۽ هن ساڳئي وقت ”ٿي وڃي هو جمالو“ جو نعرو پڻ لڳايو.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو هي سيزن 26 مارچ کان 3 مئي تائين کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.