ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ (ڪرڪيٽ آسٽريليا) چيو آهي ته آسٽريليا جا 3 فاسٽ بالر انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي شروعاتي ميچن لاءِ دستياب نه هوندا.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جي هدايت موجب، مچل اسٽارڪ، پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ ريڪوري ۽ لوڊ مينيجمينٽ سبب آءِ پي ايل ۾ فوري شرڪت نه ڪندا.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ ريڪوري جي مرحلي مان گذري رهيا آهن جڏهن ته مچل اسٽارڪ کي به لوڊ مئنيجمينٽ تحت آرام ڏنو پيو وڃي.
ان کانسواءِ فاسٽ بالر نيٿن ايلس هيمسٽرنگ انجري سبب آءِ پي ايل کان ٻاهر ٿي ويو آهي، جڏهن ته رانديگرن جي مستقبل جي موجودگي بابت فيصلو ايندڙ هفتن ۾ ڪيو ويندو.
You might also like