ملڪ ۾ سون يڪدم هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولر ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 8100 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 91 هزار 362 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 6 هزار 945 رپيا لاٿ کانپوءِ 4 لک 21 هزار 263 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 81 ڊالر گهٽجي 4686 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.