ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا سانحي بابت بورڊ آف روينيو اهم دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، جنهن تي عدالتي ڪميشن سينيئر ميمبر خالد حيدر شاهه کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، عدالتي ڪميشن جي رجسٽرار اقبال حسن طرفان جاري ڪيل سمن ۾ چيو ويو ته 10 مارچ تي بورڊ آف روينيو کي خط لکي 13 مارچ تائين رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو پر بورڊ آف روينيو اڃا تائين گهربل رڪارڊ پيش نه ڪري سگهيو، جنهن ڪري هاڻي 25 مارچ تائين گل پلازا سان لاڳاپيل سمورو رڪارڊ وضاحت سان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ڪميشن موجب رڪارڊ سان گڏ اها وضاحت پڻ ڏني وڃي ته 13 مارچ وارن حڪمن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو، سمن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن 25 مارچ تائين رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو ته قانون موجب ضروري ڪارروائي ڪئي ويندي، گهرايل رڪارڊ ۾ روينيو داخلا، ملڪيت جي منتقلي، رجسٽريون ۽ ٻيو سمورو لاڳاپيل ڊيٽا شامل آهي.