گهوٽڪي جي ڪچي ۾ فصل جي ڀيل تان جهيڙو، فائرنگ، 5 ڄڻا قتل

ڪراچي/گهوٽڪي (رپورٽر/ ن ع آ)گھوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ جاگيراڻي ۽ لولائي برادري ۾ فصل جي ڀيل تان ٻن ڌرين۾ جھيڙو فائرنگ جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا قتل ٿي ويا، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، گهوٽڪي ويجهو ڪچو ٻنڊي واري علائقي ۾ جاگيراڻي ۽ لولائي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪ ٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب ھدايت خان ۽ نورل جاگيراڻي قتل ٿي ويا، پوليس ذريعن موجب راحب لولائي، مھر لولائي ۽ ماڪوڙو لولائي به زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، مارجي ويلن جو انگ پنج ٿي ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وڃڻ بعد ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ  مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايس پي انور کيتران جي اڳواڻي ۾ پھچي وئي فائرنگ روڪرائڻ لاءِ ڌرين مٿان پوليس جا ڊرون حملا ڪرڻ جا اطلاع مليا، علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو پيدا ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، جنهن ڪري وڌيڪ نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، واقعي بعد ڪچوبنڊي پوليس نفري سان گڏ ڪچي واري علائقي ۾ پهتل آهي، جتي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پنج ڄڻن جي قتل واقعي جو نوٽيس ورتو آهي، پوليس عملدارن کي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي، وڏي وزير پاران افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته جهيڙي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.