قطر تي ٻيهر حملو ٿيو ته پارس گيس فيلڊ کي تباهه ڪري ڇڏينداسين: ٽرمپ جي ايران کي ڌمڪي

تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي تنبيهه ڪئي آهي ته جيڪڏهن ايران قطر تي ٻيهر حملو ڪيو ته آمريڪا سائوٿ پارس گيس فيلڊ کي تباهه ڪري ڇڏيندو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سائوٿ پارس گيس فيلڊ هڪ انتهائي اهم ۽ قيمتي اثاثو آهي ۽ آمريڪا کي ان تي ٿيندڙ اسرائيلي حملي جو اڳواٽ علم نه هو.
هن چيو ته اسرائيل ان جاءِ تي ٻيهر حملو نه ڪندو پر جيڪڏهن ايران قطر جي توانائي اثاثن کي نشانو بڻايو ته آمريڪا انتهائي سخت ردعمل ڏيندو.
سندس چوڻ هو ته قطر جي ايل اين جي اثاثن تي حملا بنا جواز ۽ غير منصفاڻا آهن ۽ جيڪڏهن اهڙا حملا ٻيهر ٿيا ته آمريڪا هاڻ جواب ڏيندو، جنهن جي شدت اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺي وئي.
هن چيو ته ايران طرفان قطر تي حملو خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائي سگهي ٿو، جڏهن ته آمريڪا ان سطح جي تباهي کان بچڻ چاهي ٿو، ڇو ته ان جا ايران تي ڊگهي عرصي تائين اثر پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.