ڇا پاڪستان وٽ آمريڪا ئي نشانو بڻائيندڙ ميزائل آهن؟ پرڏيهي ترجمان جو اهم بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان هڪ آمريڪي عهديدار طرفان پاڪستان جي ميزائل صلاحيتن مان امڪاني خطري بابت تازي دعويٰ کي رد ڪري ٿو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي پاڪستان جي ميزائل پروگرام بابت آمريڪا جي نيشنل انٽيليجنس ڊائريڪٽر جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان هڪ آمريڪي عهديدار طرفان پاڪستان جي ميزائل صلاحيتن مان امڪاني خطري بابت تازي دعويٰ کي رد ڪري ٿو.
هن چيو ته پاڪستان جون صلاحيتون دفاعي نوعيت جون آهن، جن جو مقصد قومي خود مختياري جو تحفظ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي، پاڪستان جو ميزائل پروگرام، جيڪو بين البراعظمي مار جي حد کان گهڻو گهٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان آمريڪا سان گڏيل احترام، عدم امتياز ۽ حقيقتن تي ٻڌل طريقي ڪار جي بنياد تي تعميري رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.