اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪٿي به شوال جو چنڊ نظر ناهي آيو ۽ عيدالفطر ڇنڇر تي ملهائي ويندي.
شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ ڪٿي به شوال جو چنڊ نظر اچڻ جو تصديقي اطلاع وصول ناهي ٿيو.
هن چيو ته رمضان جا مڪمل 30 روزا ٿيندا ۽ عيدالفطر ڇنڇر 21 مارچ تي ملهائي ويندي.